اسلام آباد (م ڊ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 11 ڄڻا فوت ٿي ويا، جنهن کانپوءِ فوتين جو گڏيل انگ 884 ٿي ويو، جڏهن ته نوان ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ تصديق ٿيل مريضن جو انگ 40151 ٿي ويو آهي.ڪورونا سبب ملڪ ۾ هيل تائين سڀ کان وڌيڪ 305 فوتگيون خيبر پختونخواهه ۾ ٿيون آهن، جڏهن ته سنڌ ۾ 279، پنجاب ۾ 252، بلوچستان ۾ 36، اسلام آباد ۾ 7، گلگت بلتستان ۾ 4 ۽ آزاد ڪشمير ۾ هڪ ڄڻو لاڏاڻو ڪري ويو آهي.آچر ڏينهن سڄي ملڪ مان وڌيڪ 30 ڪيس رپورٽ ٿيا، جن مان 26 اسلام آباد ۽ 4 آزاد ڪشمير ۾ رپورٽ ٿيا آهن، جڏهن ته سنڌ ۾ 11 ڄڻا فوت ٿي ويا.سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 11 ڄڻا فوت ٿي ويا، جنهن جي تصديق صوبائي حڪومت جي ترجمان ڪئي.مرتضيٰ وهاب ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ته هڪ ڏينهن دوران صوبي ۾ وڌيڪ 398 ڄڻا صحتياب ٿي ويا، جڏهن ته بدقسمتي سان 11 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا آهن.هن ٻڌايو ته آءِ سي يو جي مريضن جو انگ تيزي سان وڌي رهيو آهي ۽ هن وقت 92 مريض آءِ سي يو ۾، جڏهن ته 31 وينٽي ليٽرن تي آهن.سنڌ ۾ تازين فوتگين کانپوءِ فوتين جو گڏيل انگ 279 ٿي ويو آهي، جڏهن ته متاثرن جو ڪُل انگ 15590 آهي.اسلام آباد ۾ اڄ ڪورونا وائرس جي وڌيڪ 26 ڪيسن جي تصديق کانپوءِ متاثرن جو گڏيل انگ 947 ٿي ويو آهي.سرڪاري پورٽل موجب شهر ۾ وبا سبب هيل تائين 7 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.آزاد ڪشمير ۾ اڄ ڪورونا جا وڌيڪ 4 ڪيس سامهون آيا، جيڪي سرڪاري پورٽل تي رپورٽ ڪيا ويا آهن.پورٽل موجب علائقي ۾ متاثرن جو ڪُل انگ 112 ٿي ويو آهي، جڏهن ته ان وبا سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي چڪو آهي.سرڪاري پورٽل موجب آزاد ڪشمير ۾ 76 ڄڻا ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿي چڪا آهن.