ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 10 فوت، 853 نوان مريض به سامهون اچي ويا

اسلام آباد (م ڊ) ڪورونا وائرس سبب ملڪ ۾ وڌيڪ 10 ڄڻن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ فوتين جو گڏيل انگ 1231 ٿي ويو، جڏهن ته نوان ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ متاثرن جو ڪُل انگ 59 هزار 850 ٿي ويو آهي.ملڪ ۾ هيل تائين وائرس سبب سڀ کان وڌيڪ 416 فوتگيون خيبر پختونخواهه ۾ ٿيون آهن، جڏهن ته سنڌ ۾ 380، پنجاب ۾ 362، بلوچستان ۾ 42، اسلام آباد ۾ 18، گلگت بلتستان ۾ 9 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 4 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا آهن.اڄ سڄي ملڪ مان هيل تائين ڪورونا جا وڌيڪ 853 ڪيس ۽ 10 فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن، جن مان سنڌ ۾ 699 ڪيس ۽ 6 فوتگيون، اسلام آباد ۾ 151 ڪيس ۽ هڪ فوتگي، آزاد ڪشمير ۾ 3 ڪيس ۽ 2 فوتگيون، جڏهن ته بلوچستان ۾ هڪ فوتگي سامهون آئي آهي.سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 699 ڄڻن ۾ وائرس جي سڃاڻپ ٿي ۽ 6 فوتگيون به سامهون آيون، جنهن جي تصديق وڏي وزير ڪئي.سيد مراد علي شاهه ٻڌايو ته هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ 2177 ٽيسٽون ڪيون ويون ۽ 699 ڪيس سامهون آيا، جنهن کانپوءِ متاثرن جو ڪُل انگ 24206 ٿي ويو آهي.سندس چوڻ هو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 6 ڄڻن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ صوبي ۾ فوتين جو گڏيل انگ 380 ٿي ويو آهي.هن ٻڌايو ته اڄ وڌيڪ 755 مريض صحتياب ٿي پنهنجي گهرن ڏانهن هليا ويا آهن، جنهن کانپوءِ سنڌ ۾ صحتياب ٿيندڙن جو گڏيل انگ 9 هزار 270 تي پهچي ويو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *