ملڪ ۾ ڪورونا جا ڪيسز گهٽجي ويا، عيد ۽ محرم الحرام ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ چئلينج بڻيل

اسلام آباد (بيورو) صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا سان فوتگين ۾ 80 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، جڏهن ته هاڪاري ڪيس به 23 سيڪڙو مان گهٽجي 6 سيڪڙو تي اچي ويا آهن.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته ملڪ ۾ وبا جي پکيڙ وڏي پئماني تي گهٽجي وئي آهي، جنهن تي الله جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي، ڪجهه ماڻهو بيماري ۾ گهٽتائي تي شڪ شبهن جو شڪار آهن پر ان گهٽتائي جو عالمي سطح تي اعتراف ڪيو ويو ۽ ڪنهن کي شڪ شبهي جو شڪار نه ٿيڻ گهرجي.هن ٻڌايو ته اڳ ۾ ڪورونا جا 100 مان 23 سيڪڙو ڪيس هاڪاري اچي رهيا هئا، جيڪي هاڻ 6 کان 7 سيڪڙو تي اچي ويا آهن، جڏهن ته فوتگين جي شرح به 80 سيڪڙو گهٽي آهي، پاڪستان ۾ بيماري جي حوالي سان ملڪي توڙي عالمي اندازا غلط ثابت ٿيا ۽ هڪ مهينو اڳ جون جي وچ ۾ ئي وبا جو عروج ڏسي ڇڏيو.سندس چوڻ هو ته هاڻ ٻه وڏا چئلينج عيد الاضحيٰ ۽ محرم الحرام آهن، ٻين ملڪن جي تجربن مان خبر پئي ته بيماري گهٽتائي کانپوءِ ٻيهر وڌي به سگهي ٿي، تنهن ڪري ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان ۾ به وبا ٻيهر وڌڻ جو خطرو موجود آهي، عيد تي عوام کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو.ظفر مرزا موجب عيدالفطر جي تجربي جي روشني ۾ سوچ ويچار ۽ عالمن سان صلاح مشوري کانپوءِ عيدالاضحيٰ لاءِ به ايس او پيز ٺاهيون ويون، صدر عارف علوي پاڻ ان معاملي کي ڏسي رهيو آهي، مال جي خريد ۽ وڪري لاءِ شهر ۾ پڙين جي اجازت ناهي، شهري اجتماعي قرباني کي ترجيح ڏين، گوشت جي ورهاست دوران رش کان پاسو ڪيو وڃي، عوام کي اپيل آهي ته هن کي عام عيد نه سمجهو، احتياط ڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *