ملڪ ۾ چورن جي حڪومت آ، نواز شريف مني ٽرائيل بابت ٻڌائي ته مان ڪيس واپس وٺندس: شيخ رشيد

اسلام آباد (بيورو) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته نواز شريف سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجي مني ٽريل ٻڌائي ته مان پنهنجو ڪيس واپس وٺي ڇڏيندس، سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪڏهن شريف خاندان مني ٽريل نه ٻڌايو ته قبر تائين سندس پيڇو ڪندس. نواز شريف اسيمبليءَ هڪ ڳالهه ٿو ڪري ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ٻي، جنهن ڏينهن نواز شريف سچ ڳالهايو، ان ڏينهن سندس سياست ختم ٿي ويندي. شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته ن ليگ وارا اسيمبليءَ ۾ چون ٿا ته جھڙتي وٺو، ثبوت ڏينداسين، ڪلهه به سپريم ڪورٽ جي وڪيلن جي حمايت ڪئي هئي، اڄ به ڪري رهيا آهيون. ملڪ ۾ هن وقت چورن جي حڪومت آهي، ڪالونيءَ جي معاملي تي اسان وڪيلن سان گڏ آهيون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *