اسلام آباد(بيورو) پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته عوام سخت مهانگائي سبب حڪومت کان ڇوٽڪارو چاهي ٿو.اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ پارٽي جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري جي وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو جنهن کان پوءِ نيئر بخاري اڳوڻي صدر کان خيريت پڇا ڪئي.آصف زرداري چيو ته هاڻ اڳ کان طبيعت ڪافي بهتر آهي. آصف زرداري ڳالهائيندي وڌيڪ چيوته عوام هن موجوده حڪومت کان ڇوٽڪارو چاهي ٿي. سخت مهانگائي سبب عوام هن حڪومت مان تنگ اچي ڇڪي آهي. ڪورونا وبا جي دوران به وفاق جي ڪابه حڪمت عملي نظر نه آئي.اڳوڻي صدر وڌيڪ چيو ته ماڪڙ جهڙي حساس مسئلي کي نظر انداز ڪرڻ مذمت جوڳو عمل آهي. ماڪڙ پوري ملڪ کي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو آهي جنهن سبب فصلن کي سخت نقصان پهتو ماڪڙن سمورن فصلن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي پر وفاق طرفان ڪابه منصوبه بندي نظر نه پئي اچي. پهرين ڏينهن کان ماڪڙ جي تباهي بابت خدشن جو اظهار ڪندو رهيو آهيان.