اسلام آباد(بيورو) مارگلا هلز ۾ وڻن جي واڍ بابت پاڻمرادي نوٽس جي ٻڌڻي دوران جسٽس شيخ عظمت سعيد ريمارڪس ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ وفاقي حڪومت ڪٿي به نظر نه پئي اچي، جيڪو ڪم نٿو ڪري اهو استعيفيٰ ڏئي، جنهن ڏينهن آئون پاڻ ڪم نه ڪري سگهيس ان ڏينهن استعيفيٰ ڏيندس. تفصيل موجب سپريم ڪورٽ ۾ مارگلا هلز ۾ وڻن جي واڍ بابت پاڻمرادي نوٽس جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران ڪيڊ وزير طارق فضل چوڌري ۽ سي ٽي اي جو وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا، جسٽس شيخ عظمت سعيد ريمارڪس ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ وفاقي حڪومت ڪٿي به نظر نه پئي اچي، اسان ڪڏهن به ڪنهن چونڊيل اميدوار کي عدالت ناهي گهرايو، چونڊيل ڪونسلر جي به عزت ڪندا آهيون، جيڪو ڪم نٿو ڪري سگهي اهو استعيفيٰ ڏئي، جنهن ڏينهن آئون ڪم نه ڪري سگهيس ان ڏينهن استعيفيٰ ڏيندس. جسٽس عظمت سعيد چيو ته غير قانوين پلازائن ۽ گهرن جي ڳولا ڪيو، ڪارروائي نه ٿيڻ جو سبب سامهون اچي ويندو، توهان آيا آهيو اسان توهان کي ٻڌنداسين، فاضل جج چيو ته غير قانوني تعميراتون هٽائڻ لاءِ به حڪومت معاهدو ڪندي. ان تي سي ڊي اي جي وڪيل چيو ته عدالت جي گذريل حڪم نامي ۾ معمولي غلطي هئي، جسٽس شيخ عظمت چيو ته توهان غلط آرڊر پاس ڪندا آهيو فرشتا ته سي ڊي اي وارا آهن. عدالت طارق فضل سان مڪالمو ڪندي چيو ته عدالتي حڪمن کي سس بڻجي نه ڏسندا ڪيو، جج ڏنڊا کڻي مارگلا هلز خالي نٿا ڪرائي سگهن، قانون تي عمل ڪرڻ اسان جو ڪم آهي، ناراض نه ٿيندا ڪيو، جسٽس شيخ عظمت چيو ته سياست کان سواءِ به حڪومت جون ٻيون ڪيتريون ئي ذميواريون آهن، ۽ ٻيا به ڪيترا ئي معاملا آهن احتياط سان ڪم ڪيو، اميد آهي ته توهان منهنجون نه چيل ڳالهيون سمجهي ويندا، اعليٰ عدليه جي جج چيو ته عدالت حڪومت تي اعتماد ڪندي آهي، حڪومت شايد عدالت تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هن چيو ته وزير صاحب، ڪم ته توهان کي ڪرڻو آهي،