ملڪ ۾ وري دھشتگردي ايڪشن پلان تي سواله نشان…!

February 16, 2017 at 2:14 am

محمد فاروق ٻروڙو

لاھور جي شاليمار روڊ تي پنجاب اسيمبليءَ ٻاھران جي ٻاھران  ڌماڪي جي نتيجي۾ ڊي آءِ جي ٽريفڪ سميت تقريبا 13 ڄڻا شھيد ٿي ويا آھن جڏھن ته پوليس اھلڪارن سميت 70 ڄڻا زخمي ٿي پيا آھن پنجاب جي قانون واري وزير رانا ثناءُ الله جو چوڻ آھي ته شروعاتي جاچ مان خبر پئي آھي ته ڪيمسٽ ايسوسئيشن ۾ احتجاج دوران ٿيل ڌماڪو آپگھاتي لڳي رھيو آھي ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڊي آءِ جي  ٽريفڪ ڪيپٽن مسين ۽ ايس ايس پي ٽريفڪ زاھد گوندل سميت 13 ڄڻا شھيد ٿي ويا آھن ڌماڪي ۾ پوليس اھلڪارن سميت 70 ڄڻا زخمي به ٿي پيا آھن جن کي مقامي اسپتالن ڏانھن منتقل ڪيو ويو، مقامي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آھي، پنجاب اسميبلي جي ٻاھران پاڪ فوج ۾ رينجرز علائقي جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آھي، ڌماڪي بابت شاھديون گڏ ڪيون پيون وڃن.

پاڪستان ۾ دھشتگردي واقعا ڪا نئين ڳالھ ڪونه آھي پر لاھور ۾ دھشتگردي جو واقعو پيش اچڻ سان پڪ ٿي وئي آھي ته پنجاب ۾ به دھشتگرد موجود آھن، جن بابت مخالف ڌر جون پارٽيون اڳواٽ ئي خدشا ظاھر ڪري رھيون ھيون پر فقت لاھور جي ڌڻي بڻيل (ن) ليگ سرڪار لاءِ ته ڏيئي ھيٺيان اونداھي واري ڪار ھو، ھاڻي جڏھن ته لاھور ۾ دھشتگردي جو بد ترين واقعو پيش آيو آھي ته حڪومت جون اکيون کلڻ گھرجن ته دھشتگردي  لاھور ۾ ڌماڪو ڪري پنجاب ۾ پنھنجي موجودگي جو تاثر ڏنو آھي نيشنل ايڪشن پلان تحت سنڌ پنجاب ۽ بلوچستان ۾ آپريشن ٿي رھيو آھي جيڪو دھشتگردن خلاف گھٽ ۽ سياستدانن کي وڌيڪ لوئيو پيو وڃي نيشنل ايڪشن پلان سڄي ملڪ ۾ جيڪڏھن سنجيده نموني آپريشن ڪيو وڃي ته دھشتگردي جو خاتمو آڻي سگھجي ٿو لاھور ۾ آپگھاتي بم ڌماڪو نيشنل پلان تي به سواليه نشان آھي تنھنڪري دھشتگردي جو خاتمو رڳو مذمتي بيان جاري ڪرڻ ۽ افسوس جو اظھار ڪرڻ سان نه ايندو، دھشتگرد حڪومتي رٽ چيلينج ڪري رھيا آھن آپريشن باوجود دھشتگردي ڇو ٿي رھي؟ آخر ڪار دھشتگرد ڪٿي لڪل آھن جو رکي رکي بيگناھ ماڻھن کي رت وھنجاري رھيا آھن؟ انھن سوالن جا جواب حڪومت ئي ڏئي سگھي ٿي پر اسان جو اھو ئي مشورو آھي ته حڪومت دھشتگردي جي پاڙ پٽڻ لاءِ سنجده ۽ عملي طور قدم کڻڻ گھرجن ھوڏانھن وري مظلومن ۽ پڙھيل طبقي جو آواز ايوانن تائين پھچائيندڙ ھڪ دفعو ٻيھر دھشتگردي جي نشاني تي اچي ويا آھن سال 2017 ۾ دھشتگردن پھرين مھيني ۾ ئي دھشتگردن بلوچستان ۾فائرنگ ڪري ھڪ صحافي کي شھيد ڪري ڇڏيو ھو ۽ اھو سلسلو ھن وقت به جاري آھي جڏھن ته ڪراچي ۾ به دھشتگردن ھڪ خانگي ٽي وي جي چينل جي گاڏي تي فائرنگ ڪري ھڪ اسسٽنٽ ڪيمرامين کي شھيد ڪري ڇڏيو آھي جنھن جو آءِ جي سنڌ نوٽيس ورتو آھي ايتري قدر جو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تحريڪ انصاف سربراھ عمران خان ۽ ٻين کوڙ سياستدانن واقعي جي مذمت به ڪئي آھي پر سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته حڪمران جيڪي امن امان جي بحال ڪرائڻ واريون دعوائون ڪري رھيا آھن ۽ ڪري رھيا ھئا اھي صحافين جي قتل بعد سواليه نشان بڻيجي ويون آھن وفاقي گھرو وزير چوڌري نثار ھر پريس ڪانفرنس ۾ اھو بيان ڏيندو رھيو آھي  ته سنڌ حڪومت جي اچڻ بعد ھر صورتحال ڪافي حد تائين بحال ٿي وئي آھي جيڪڏھن اھڙي ڳالھ آھي ته وفاقي گھرو وزير نثار چوڌري کي سٺي ۽ خراب دھشتگردي واري تاثرکي ختم ڪرڻو پوندو ۽ ڪراچي کان ويندي لاھور تائين بنا فرق جي دھشتگردن جي ڳچي ۾ پٽو وجھڻو پوندو ته جئين بيگناھ شھرين ۽ صحافين جون جانيون بچي سگھن.

اي پيپر