ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان: کائڻ پيئڻ جي شين جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳيون

اسلام آباد: (بيورو) پيٽرول جي قيمتن ۾ ٿيندڙ واڌ ۽ رمضان المبارڪ جي مهيني اچڻ سان گڏ ئي کائڻ پيئڻ جي شين جون قيمتون آسمان سان ڳالهائي رهيون آهن.پوري ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان ڦهلجي ويو آهي. پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافي سبب کائڻ پيئڻ جون شيون به پهچ کان ٻاهر نڪري ويون. بازارن ۾ سرڪاري قيمتن کان وڌيڪ اگهه تي فروٽ ۽ ڀاڄيون وڪرو ٿي رهيون آهن. جڏهن ته سرڪاري ريٽ لسٽون ئي غائب ڪيون ويون آهن. سرڪار طرفان مقرر ڪيل قيمتن کي دڪاندارن نظر انداز ڪندي پنهنجين من مانين تي لهي آيا آهن جنهن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ حڪومت به ناڪام ٿي وئي آهي.ڪراچي ۾ پٽاٽي جو سرڪاري اگهه 20 روپيه في ڪلو مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته بازار ۾ پٽاٽو 50  روپيه في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي. اهڙي طرح ٽماٽن جو سرڪاري  اگهه 32 روپيه مقرر آهي پر ان جي قيمت به بازار ۾ ٻيڻي ورتي پئي وڃي. بازار  ۾ گهٽ معيار واري بصر جو اگهه 42 بجاءِ 60 روپيه ڪلو ورتو پيو وڃي. جڏهن ته ڪيلا 50 روپيه في درجن بجاءِ 140 روپيه في درجن وڪرو ٿي رهيا آهن. اهڙي طرح زيتون 105 روپيه في ڪلو بجاءِ 120 روپيه ۽ صوف پهريون نمبر 137 بجاءِ 250 کان 500 روپيه في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي.لاهور ۾ به ساڳئي صورتحال آهي. رمضان بازار ۾ پٽاٽا 13 روپيه ۽ فيئر پرائس دڪان تي 15 روپيه في ڪلو ملي رهيا آهن. جڏهن ته رمضان بازار ۾ بصر 23 روپيه ۽ عام بازارن ۾ 51 روپيه في ڪلو ملي رهيو آهي.پشاور ۾ به دڪاندارن جون من مانيون جاري آهن. ٽماتو 70 روپيه، بصر 60 روپيه ۽ پٽاٽا 40 روپيه في ڪلو جي حساب سان وڪرو ڪيا پيا وڃن.ڪوئيٽه ۾ به رمضان المبارڪ کان اڳ ئي پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. پوري ملڪ ۾ فروٽ ۽ ڀاڄين کان علاوه کير، گوشت سميت ٻين شين جون قيمتون به آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن.لاهور ۾ لڳايل 30 رمضان بازارن ۾ کنڊ ناياب ٿي وئي آهي. 55 روپيه في ڪلو کنڊ وٺڻ جي لاءِ شهرين جون ڊگهيون لائنون لڳل آهن. جڏهن ته عوام طرفان حڪومت کي اسٽال وڌائڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *