لاهور: (م ڊ) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته وڌندڙ مهانگائي سبب عوام پريشان ٿي وئي آهي. ان ڪري سرڪاري ۽ خانگي ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته عوام کي فوري طور رليف نه مليو ته رمضان مهينو گذارڻ مشڪل ٿي ويندو. هڪ بيان ۾ شهباز شريف چيو ته رمضان المبارڪ جي آمد کي نظر ۾ رکندي فوري طور ٽي هزار رپيه پگهارن ۾ اضافو ڪيو وڃي. هن چيو ته مهانگائي ۽ کاڌي پيتي جي شين ۾ ٿيل واڌ کي نظر ۾ رکندي گهٽ ۾ گهٽ پگهار ارڙنهن هزار ڪئي وڃي، هڪ لک هر مهيني ڪمائيندڙ ماڻهن جي پگهار ۾ 20 ويهه سيڪڙو فوري طور تي اضافو ڪيو وڃي. شهباز شريف چيو ته غريب ۽ پگهار دار طبقو مهانگائي جي بار ۾ دٻجي چڪو آهي، عوام لاءِ هڪ وقت جي ماني کائڻ مشڪل ٿي ويو آهي هن چيو ته حڪومت غريبن جو احساس ڪري بي حسي جو مظاهرو نه ڪري.