لاهور (اين اين آءِ) اڳوڻي وزيراعظم ميان نوازشريف ساهيوال سانحي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته تصديق ڪرڻ بنا بيگناهن کي قتل نه ڪرڻ گهرجي ها چاهيان ٿو ته واقعي جي شفاف جاچ ٿئي ملڪ ۾ معاشي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ قدم کنيا پر هاڻي حالتون ڏسي ڏک ٿئي ٿو سي پيڪ کي روڪيو وڃي ٿو ته ملڪ کي نقصان ٿيندو ذريعن موجب خميس تي ڪوٽ لکپت جيل ۾ نوازشريف سان ملاقات لاءِ آيل ليگي اڳواڻن ان کان طبيعت بابت پڇاڻو ڪيو ته هن غالب جي شعر ۾ پنهنجي صحت بابت ٻڌايو نوازشريف چيو ته صحت ٺيڪ ۽ حوصلا بلند آهن ڪنهن اڳواڻ يا ڪارڪن سان ملاقات لاءِ مون کي ڪائي لسٽ نٿي ڏيکاري وڃي ملڻ لاءِ جيڪو به اچي ٿو ان کي بليڪار چوان ٿو اڳوڻي وزيراعظم چيو ته سي پيڪ لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪئي ته جيئن ملڪ خوشحال ٿئي جيڪڏهن سي پيڪ کي روڪيو وڃي ٿو ته ملڪ کي نمقصان ٿيندو نوازشريف چيو ته حڪومت کي گهرجي ته هو عوامي ڏکيائين کي نظر ۾ رکي ملتان موٽر وي بنا دير کولي ڇڏي. نوازشريف چيو ته موجوده حڪومت جي عوام دشمن پاليسين کي ٻڌي ڏک ٿئي ٿو.