ملڪ ۾ لاقانونيت کي روڪڻ لاءِ آپريشن ردالفساد شروع ڪيو ويو آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(بيورو): اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) دهشتگردي جي لعنت ۽ توانائي جي کوٽ جهڙن چئلينجن تي ضابطو آڻڻ سان گڏوگڏ پائيدار اقتصادي واڌويجهه حاصل ڪرڻ جا واعدا پورا ڪيا آهن ۽ ايندڙ چونڊون ڪارڪردگي جي بنياد تي وڙهندي، پاڪستان فيصلائتي دور مان گذري رهيو آهي ۽ جمهوريت مضبوط ٿي رهي آهي، پاڪ چين اقتصادي لنگهه ملڪ لاءِ هڪ نعمت آهي جنهن سان نه رڳو پاڪستان پر پورو خطو پاڻ ۾ ڳنڍجي ويندو. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ٻين پارٽين جي پاليسين جو مقابلو پنهنجي ڪارڪردگي سان ڪري رهي آهي جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان بدلجي رهيو آهي ۽ هتي استحڪام اچي رهيو آهي. هن چيو ته هاڻي سياست ۽ ڪارڪردگي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن ۽ عوام پارٽين کي ڪارڪردگي جي بنياد تي ووٽ ڏيندي. مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان فيصلائتي دور مان گذري رهيو آهي، هتي جمهوريت مضبوط ٿي رهي آهي، ترقياتي منصوبا مڪمل ڪيا پيا وڃن ۽ جمهوري عمل ۾ عوام جو اعتماد بحال ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) پنهنجي منشور ۾ ڪيل واعدا پورا ڪيا آهن

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *