خيرپور(ڊ ر) صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته ملڪ ۾ غربت بيروزگاري ۽ عوام سان زيادتيون عروج تي آهن. خيرپور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان ۽ وزير اعظم نواز شريف رڳو پنهنجن مقصدن جي لاءِ وڙهندي نظر ايندا. هن چيو ته هر گهٽي ۾ جئي ڀٽو جا نعرا گونجي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته 2008ع کان عوام جي خدمت ڪري رهيا آهيون ۽ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن.