مٽياري (ڊ ر) صوبائي وزير مخدوم جميل الزمان چيو آهي ته ملڪ ۾ هن وقت سياسي افراتفري واري صورتحال آهي هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته عدالت عمران خان واري ڪيس ۾ ڪهڙو فيصلو ٿي ڏئي. منهنجا پارٽي سان ڪي به اختلاف نه آهن، عوامي مسئلن حل نه ٿيڻ ڪري حڪومت سان رنجش هئي، مخدوم خاندان کي نظرانداز ڪرڻ جي نه ڪنهن ۾ صلاحيت نه ئي جرئت آهي، مٽياري ضلعي جي عوام جي ترقي ۽ خوشحاليءَ تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي، سنڌ حڪومت کان هالا ۽ نيوسعيدآباد جي هڪ سئو کان وڌيڪ ڳوٺن کي بجلي ڏيڻ جي اسڪيم منظور ڪرائي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مخدوم هائوس هالا ۾ عوام سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، ان موقعي تي جن ڳوٺن جي بجلي منظور ٿي آهي انهن جي معززين مخدوم جميل الزمان سان ملاقات ڪري سندن ٿورا مڃيا.وزيراعلي سنڌ جي تبديلي بابت پڇيل هڪ سوال تي چيو ته وڏو وزير سيد مراد علي شاهه بهترين طريقي سان حڪومتي ڪاروهنوار هلائي رهيو آهي، جڏهن ته پيپلزپارٽي قيادت توڙي عوامي چونڊيل نمائندن جو مٿس ڀرپور اعتماد آهي. مٽياري ضلعي ۾ ترقياتي منصوبن بابت هن ٻڌايو ته بجليءَ لاءِ منظور ٿيل هڪ سئو ڳوٺن مان 50 ڳوٺن جا ورڪ آرڊر جاري ٿي چڪا آهن جن تي جلد ڪم شروع ڪيو ويندو، وڏي وزير سان ملاقات ڪري هنن ڳوٺن جي بجلي منظور ڪرائي ويئي آهي، جڏهن ته مٽياري جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ٻيون به ڪيتريون اهم رٿائون آهن جن تي جلد ڪم شروع ڪيو ويندو. بعد ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس مٽياري ۾ اجلاس جي صدارت ڪندي سندن چوڻ هو ته توڙي جو گهڻيون برساتون نه پيون آهن پر موسميات کاتي برساتن بابت اڳڪٿي ڪئي آهي ان ڪري ضلعي جا سڀئي آفيسر خاص طورتي آبپاشي روينيو، صحت لائيو اسٽاڪ کاتي وارا پنهنجون تياريون مڪمل ڪن، بندن جي مضبوطيءَ لاءِ ورتا وڃن ۽ نگراني کي يقيني بڻايو وڃي. صوبائي وزير بلديات ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي جي عملدارن کي برساتن جي صورت ۾ شهرن مان پاڻي جي ترت نيڪالي لاءِ اڳواٽ انتظام ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر مٽياري پرويز احمد بلوچ، پرسنل سيڪريٽري اسلم پيرزادو، شوڪت علي انڙ توڙي ٻيا آفيسر موجود هئا.