ملڪ ۾ دهشتگرد چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ٦ سيپٽمبر جي جذبي کي برقرار رکڻ جي ضرورت آهي: ممنون حسين

 اسلام آباد: (بيورو)صدر ممنون حسين ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته ملڪ ۾ انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ٦ سيپٽمبر جي جذبي کي برقرار رکڻ جي اڳ کان وڌيڪ ضرورت آهي، دنيا جي ڪنهن به قوم جاني ۽ مالي صورت ۾ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ايتري وڏي قيمت ادا ناهي ڪئي جيتري پاڪستان جي عوام ادا ڪئي آهي. هن اها ڳالهه پاڪستان جي دفاع واري ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي، جيڪو اڄ اربع ڏينهن ٦ سيپٽمبر تي ملهايو پيو وڃي. صدر چيو ته ٦ سيپٽمبر اسان جي قومي ڪئلينڊر ۾ هڪ يادگار ڏينهن آهي، جڏهن اهل پاڪستان بي مثال قومي اتحاد جو مظاهرو ڪيو ۽ دشمن پاران هڪ سنگين جارحيت کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي هٿياربند فوج سان گڏ بيهي رهي. هن چيو ته ان تاريخي ڏينهن جي ياد اسان جي ان وچن کي ورجائڻ ۽ ملڪ جي دفاع لاءِ هر قسم جي خطرن خلاف اسان جو عزم مضبوط ڪري ٿي ته ملڪ جي سلامتي ۽ ناموس لاءِ اسان هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. صدر ملڪ جي دفاع لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ ملڪ جي سمورن فرزندن ۽ ڌيئرن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته اهي انهن جون بي مثال قربانيون ۽ عزم جو ثمر آهي جو اسان حفاظت سان ۽ باوقار زندگي گذاري رهيا آهيون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *