ڪراچي(اسٽاف رپورٽر )وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سيوهڻ سانحي ۾ سيڪيورٽي جي ڪوتاهي جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ دهشتگردي جي صوتحال آهي اڪيلي سر صوبائي حڪومت سيڪيورٽي انتظام نه ٿي ڪري سگهي، هڪ وي آءِ پي شخصيت حملي کان اڌ ڪلاڪ مقرر اهلڪار وٺي وئي. بجلي چوري جو الزام مڙهي ڪري لعل شهباز قلندر جي بجلي ڪٽي وئي، سنڌ اسيمبلي ۾ سيوهڻ سانحي بابت پاليسي بيان ڏيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته مڃان ٿو ته سيوهڻ سانحي کان اڳ سيڪيورٽي جا بهتر انتظام نه هئا ڇو ته درگاهن تي حملن بابت ڪو به اهڙو ٿريٽ نه هو، هن چيو ته سانحي کان اڳ جنهن فيڊر مان لعل شهباز قلندر کي بجلي ڏني ويندي هئي اها بجلي بل جي ڪري ڪٽي وئي جڏهن ته بل به پياريو ويو هو پر اهڙي مامري تي واپڊا اختيارن کي چوڻ بعد جيڪا بجلي بحال ٿي اها لوڊشيڊنگ واري فيڊر مان ڏني وئي جتان 6 بجي کان رات جو ساڍي 8 وڳين تائين لوڊشيڊنگ ٿيندي آهي، لوڊشيڊنگ وقت ڪيمرائون بند هيون، ان جي باوجود سموريون ڪئمرائون به خراب نه هيون، ائين هجي ها ته سي سي ٽي وي فوٽيج وسيلي خودڪش بمبار جي نشاندهي نه ٿئي ها.هن چيو ته ڌماڪو ڪندڙ آپگهاتي بمبار جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي،جنهن جو تعلق سنڌ سان نه هو ان سان گڏ سهولتڪارن جي نشاندهي لاءِ نادرا کان مدد ورتي پئي وڃي جلد اهي جوابدار به وائکا ٿي ويندا،هن چيو ته سيوهڻ منهنجو اباڻو شهر آهي جيترو ان شهر کي مون ويجهو ڏٺو آهي ايترو ڪنهن به ناهي ڏٺو ان ڪري مخالف ڌر جي سيوهڻ اسپتال ۾ موجود طبي سهولتن تي تنقيد اجائي آهي. اتي 50 بسترن جي اسپتال ڪيترن ئي عرصي کان موجود آهي،سيوهڻ اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جو عملو به موجود هيو جن سانحي بابت بهترين ڪم ڪيو انهن تي تنقيد ڪرڻ بدران انهن کي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ گهرجن،وڏي وزير وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت وٽ ايترا وسيلا ناهن جو سيوهڻ ۾ هڪ هزار بسترن تي ٻڌل اسپتال ٺهرائي وڃي،هن چيو ته ايترو وڏو واقعو ڪراچي ۾ به ٿئي ها ته ڏکيائيون پيدا ٿين ها.افسوس آهي ته سيوهڻ بابت ماڻهن جاچ کانسواءِ تنقيد ڪئي،ڌماڪو 7 وڳي ٿيو، کيس ڏهه منٽن بعد اطلاع مليو، ڌماڪي جي ڪجهه منٽن کانپوءِ ئي ايمبولنس پهچي وئي هئي، اهڙي وقت ۾ ساٿ ڏنو ويندو آهي ۽ مدد ڪئي ويندي آهي تنقيد ناهي ڪئي ويندي. هن چيو ته آئون اعتراف ڪريان ٿو ته سيڪيورٽي تي مقرر نفري گهٽ هئي ۽ شاهه نوراني سانحي کانپوءِ کين سيڪيورٽي وڌيڪ بهتر بڻائڻ گهـُرجي ها. هن ايوان کي ٻڌايو ته درگاهه جي داخلي دروازي تي ڪيمرا ڪم ڪري رهي هئي،سانحي ۾ 81 ماڻهو شهيد ٿيا ۽ 383 زخمي ٿيا، جن مان 10 ڄڻن جو علاج هلندڙ آهي، باقي سمورا زخمي ٺيڪ ٿي گهر هليا ويا آهن، وڏي وزير وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار مٿان تنقيد ڪندي چيو ته جيڪو ماڻهو بجلي چوري جو الزام مڙهي ڪري لعل شهباز قلندر جي بجلي ڪٽرائي ۽ سيڪيورٽي جو ذميوار صوبائي سرڪار کي قرار ڏنو، پر هو ايترو ٻڌائي ته ان سنڌ جا ڪيترا دورا ڪيا آهن هن کي گهرجي ته سيوهڻ سانحي تي سياست ڪرڻ بدران دهشتگردي جي خاتمي لاءَ سنجيدگي اختيار ڪري سنڌ حڪومت سان جهيڙو ڪنهن ٻي معاملي تي ڪري.هن چيو ته ان ڳالهه کي به ڪير در گذر نٿو ڪري سگهي ته سنڌ ۾ مذهبي انتها پسندي به موجود آهي ان جا ڪجهه مرڪز بلوچستاان جي پاسي ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد ۽ ڪشمور ۾ آهن اتي دهشتگرد بلوچستان جي رستي سنڌ ڏانهن اچن ٿا ۽ ڪارروايون ڪن ٿا. ان سلسلي ۾ مون پاڻ بلوچستان جي وڏي وزير نثاءُ الله زهري سان ڳالهايو آهي اهو به دهشتگردي جي پاڙ پٽڻ لاءِ گڏيل ڪاررواين تي اسان سان گڏ آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ ڪجهه اين جي اوز ۽آرگنائيزرس ڏوهه ۾ ملوث آهن جن خلاف صوبائي حڪومت ڪارروائي نه ٿي ڪري ان لاءَ وفاقي سرڪار کي لکيو ويو آهي.0229