ڪراچي(م ڊ) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت حڪومت نه هجي ها ته ملڪ ۾ ترقي نه ٿي سگهي ها، جمهوري حڪومت ئي ملڪ کي ڏکيائين مان ڪڍي سگهي ٿي. ڪراچي ۾ نيشنل انڪيوبيشن سينٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته خوشي جهڙي ڳالهه آهي ته هر هفتي ۾ هڪ نئين مصنوبي جو افتتاح ڪندا آهيون، پاڪستان يج ترقي ڪراچي جي ترقي سان سلهاڙيل آهي. وزير اعظم چيو ته ڪراچي ۾ آپريشن کان پوءِ اسٽريٽ ڪرائم جي شرح گهٽ ٿي آهي، موجوده حڪوتم ڪراچي جون روشنيون بحال ڪيون. شاهد خاقان عباسي چيو ته اڄوڪي ۾ ماحول ۾ فيصلو ڪرڻ ڏکيو آهي، ڏکيائين جي باوجود حڪومت ڪيترائي ترقياتي ڪم ڪيا، ملڪ ۾ جھمهوري حڪومت نه هجي ها ته ترقي نه ٿئي ها، جمهوري حڪومت ئي ملڪ کي ڏکيائين مان ڪڍي سگهي ٿي. وزير اعظم چيو ته حڪومت گذريل سالن دوران بجلي جا ڪيترائي منصوبا لڳرايا. ان موقعي تي هن اِهو به چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ترقي لاءِ نوان آءِ ٽي پارڪ قائم ڪنداسين.