ملڪ ۾ جاري آدمشماري کي هر قيمت تي مڪمل ڪيو ويندو: آرمي چيف

راولپنڊي (م ڊ): آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه اعلان ڪيو آهي ته ملڪ ۾ جاري آدمشماري کي هر قيمت تي مڪمل ڪيو ويندو، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف رالپنڊي ۾ آدمشماري سپورٽ سينٽر جو دورو ڪيو، سپورٽ سينٽر پهچڻ تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو ليفٽيننٽ جنرل زاهد لطيف مرزا استقبال ڪيو، ان موقعي تي آرمي چيف کي ملڪ ۾ جاري آدمشماري بابت بريفنگ ڏني وئي، آرمي چيف ڳالهائيندي چيو ته آدمشماري لاءِ بهترين انداز ۾ ڪم جاري آهي، فوج آدمشماري جي عمل کي مثبت انداز ۾ پورو ڪرڻ کي قومي فرض سمجهي ٿي ۽ ملڪ ۾ آدمشماري کي هر قيمت تي مڪمل ڪيو ويندو، سندس چوڻ هو ته آدمشماري بهتر انداز ۾ اڳتي وڌڻ جو عمل حڪومت ۽ فوج جي گڏيل ڪاميابي آهي، آرمي چيف ان موقعي تي مهم دوران شهيد جوانن ۽ آدمشماري جي عملي کي خراج عقيدت به پيش ڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *