ملڪ ۾ اڄ ڪورونا سبب 8 فوتگيون، مريضن جو گڏيل 15289 ٿي ويو

اسلام آباد/ ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري اڄ وڌيڪ 8 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ فوتين جو گڏيل انگ 335 ٿي ويو آهي جڏهن ته نوان ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ تصديق ٿيل ڪيسن جو گڏيل انگ 15289 تائين پهچي ويو آهي.هن وقت تائين سڀ کان وڌيڪ فوتگيون خيبرپختونخواهه ۾ سامهون آيون جتي ڪورونا مان 114ڄڻا لاڏاڻو ڪري چڪا آهن جڏهن ته سنڌ  ۽ پنجاب ۾ 100-100 ڄڻا فوت ٿي ويا.ان کان سواءِ بلوچستان ۾ 14، اسلام آباد 4 ۽ گلگت بلتستان ۾ 3 ڄڻا ان مرض جي سبب لاڏاڻو ڪري ويا.اڄ اربع ڏينهن سڄي ملڪ مان هن وقت تائين ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 502 ڪيس سامهون آيا آهن ۽ 8 فوتگيون به ٿيون آهن جنهن مان سنڌ ۾ 404 ڪيس 8 فوتگيون، اسلام آباد 36 ۽ بلوچستان مان 62 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.صوبي ۾ اڄ ڪورونا جا وڌيڪ 404 ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ 8 فوتگيون به ٿيون آهن.صوبائي حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب نون ڪيسن ۽ فوتگين جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته صوبي ۾ نون ڪيسن کان پوءِ ڪورونا وائرس ۾ مبتلا مريضن جو گڏيل انگ 5695 ٿي ويو آهي جڏهن ته هن وقت تائين 100 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.مرتضيٰ وهاب ٻڌايو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 208 مريض صحتياب ٿي پنهنجي گهرن ڏانهن هليا ويا جنهن کان پوءِ صوبي ۾ صحتياب ٿيلن جو انگ 1169 ٿي ويو آهي.وفاقي راڄڌاني ۾ اڄ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 36 ڪيس سامهون آيا جنهن جي تصديق سرڪاري پورٽل تي ڪئي وئي آهي.پورٽل موجب نوان ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ اسلام آباد ۾ ڪيسن جو گڏيل انگ 297 ٿي ويو آهي جڏهن ته شهر ۾ وائرس مان هن وقت تائين 4 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *