اسلام آبا(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ هن وقت تائين ڪورونا وائرس سبب 13 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ فوت ٿيلن جو گڏيل انگ 8105 ٿي ويو آهي جڏهن ته نوان ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ 38088 تائين پهچي ويو آهي.هن وقت تائين سڀ کان وڌيڪ فوتگيون خيبرپختونخواهه مان سامهون آيون آهن جتي ڪورونا جي ڪري 284 ڄڻا لاڏاڻو ڪري چڪا آهن جڏهن ته سنڌ ۾ 255 ۽ پنجاب ۾ 234 ڄڻا فوت ٿي ويا.ان کان سواءِ بلوچستان ۾ 30، اسلام آباد 7 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 ۽ آزاد ڪشمير هڪ شخص فوت ٿي ويو.اڄ جمعي جي ڏينهن ملڪ ۾ هن وقت تائين ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 928 سامهون آيا ۽ 13 فوتگيون به ٿيون جنهن مان سنڌ 870 ڪيس 12 فوتگيون، اسلام آباد 44 ڪيس هڪ فوتگي ۽ آزاد ڪشمير مان وڌيڪ 14 ڪيس رپورٽ ٿيا.صوبي ۾ اڄ ڪورونا جا وڌيڪ 870 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن ۽ 12 فوتگيون به ٿيون آهن جنهن جي تصديق سنڌ جي وڏي وزير ڪئي.وڏي وزير ٻڌايو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 5566 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن جنهن مان وڌيڪ 870 نوان ڪيس ظاهر ٿيا ۽ 12 فوتگيون به ٿيون جنهن کان پوءِ صوبي ۾ ڪيسن جو گڏيل انگ 14696 ۽ فوتگيون 255 ٿي ويون.مراد علي شاهه موجب 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 533 مريض صحتياب ٿي گهرن ڏانهن وڃي چڪا آهن جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيلن جو انگ 3066 ٿي ويو آهي.وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ اڄ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 58 ڪيس سامهون آيا ۽ پهرين فوتگي ٿي جيڪا سرڪاري پورٽل تي رپورٽ ڪئي وئي آهي.سرڪاري پورٽل موجب نوان ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ اسلام آباد ۾ ڪيسن جو گڏيل انگ 866 ٿي ويو آهي جڏهن ته هڪ فوتگي به ٿي آهي جنهن شهر ۾ فوتين جو انگ 7 ٿي ويو آهي.آزاد ڪشمير مان اڄ ڪورونا جا وڌيڪ 14 ڪيس سامهون آيا جيڪي سرڪاري پورٽل تي رپورٽ ڪيا ويا آهن.پورٽل موجب علائقي ۾ ڪورونا جي مريضن جو انگ 105 ٿي ويو آهي جڏهن ته علائقي ۾ هن وقت تائين وائرس مان هڪ فوتگي ٿي آهي.سرڪاري پورٽل موجب آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا سبب هن وقت تائين 76 صحتياب ٿي چڪا آهن.خيبرپختونخواهه ۾ ڪالهه ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 171 ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ 9 فوتگيون به سامهون آيون جنهن جي تصديق صحت واري صوبائي کاتي ڪئي.صحت واري صوبائي کاتي موجب صوبي ۾ ڪورونا جي ڪيسن جو گڏيل انگ 5423 ۽ فوتگيون 284 ٿي ويون آهن.صحت کاتي ٻڌايو ته پشاور ۾ 4، چارسده، مرادن، صوابي، مالاڪنڊ ۽ سوات ۾ هڪ هڪ فوتگي ٿي.صحت کاتي موجب وڌيڪ 113 ڄڻا ڪورونا مان صحتياب ٿيا جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيلن جو انگ 1505 ٿي ويو آهي.