ملڪ ۾ امن اچي ويو، هڪ ٻن واقعن سان فرق نه پوندو، بزدلاڻن واقعن سان وڏا قومي منصوبا متاثر نه ٿيندا: احسن اقبال

اسلام آباد (اين اين آءِ(  وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته ملڪ ۾ امن اچي ويو آهي پر هڪ اڌ واقعن سان ڪو فرق نه پوندو، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان اڄ چين جي ڀيٽ ۾ گهڻو پوئتي آهي، مضبوط معيشت ۽ ملڪ خوشحال هوندو ته ڪير به ميري اک سان نه ڏسي سگهندو، جڏهن ته معيشت نه سنڀالي ته نوجوانن کي پاڪستانيت سمجهه ۾ نه ايندي، اسان وٽ ڪافي ڪاميابيون آهن، هن چيو ته اڄ رياست چڙهائي تي آهي ۽ دهشتگرد گهيري ۾ آهن، اڳ ماڻهو ڪراچي ڇڏڻ جون ڳالهيون ڪندا هئا ۽ ڪراچي ۾ پي ايس ايل اچي رهيو آهي، گهرو وزير لاهور ڌماڪي تي ڳالهائيندي چيو ته دشمن رائيونڊ ۾ بزدلاڻي ڪارروائي ڪئي پر اهڙن واقعن سان وڏا قومي منصوبا متاثر نه ٿيندا، بهتر حفاظتي انتظامن سان رائيونڊ وڏي تباهي کان بچي ويو، اسان جا انتظام حفاظتي انتظام اثرائتا آهن، گهرو وزير چيو ته دشمن ڏسي رهيو آهي ته پاڪستان ۾ روشنيون بحال ٿي رهيون آهن ۽ قومي منصوبا پلان موجب جاري آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *