اسلام آباد (بيورو) وزير اعظم جي خاص معاون فردوس اعواڻ چيو ته خارجي عناصر ۽ اندروني آله ڪار ملڪ جي عدم استحڪام ۽ ادارن کي ڪمزور ڪرڻ واري منظم عزائمن ۾ ناڪام ٿي ويندا.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي فردوس عاشق اعواڻ لکيو آهي ته وزير اعظم عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ روشن مستقبل جي خلاف سازشي عناصر کي شڪست ڏيندا.هن لکيو آهي ته تمام ادارن ۾ هم آهنگي ۽ باهمي اعتماد وقت جي اهم ترين ضرورت آهي.ادارن جي مضبوطي ،ملڪي ترقي جمهوريت جي فروغ ۽ عوامي فلاح جي لاءِ ناگريز آهي.فردوس عاشق اعواڻ چيو وزيراعظم عمران خان ۽ عسڪري قيادت ملي ڪري سهڻي نموني سان ملڪ کي درپيش چيليجز مان ڪڍيو ويو آهي. ملڪ معاشي استحڪام ۽ ترقي جي منزل تي گامزن آهي.