اسلام آباد (بيورو) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته ڪرپٽ مافيا مان ملڪ کي خطرا آهن، پاڪستان کي ڪرپشن فري بڻايو وڃي. تقريب کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته مان پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ٿو ڪيان، پاڪستان کي انصاف جي حڪمراني جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان جي منزل اسلامي نظام آهي، ڪشميرين جو قتل ۽ ڀارتي فوج جي ظلمن جو خاتمو ڪيو وڃي، ڪشميري ننڌڻڪا ناهن، اسان جو ساهه ۽ جذبو ڪشميري عوام سان گڏ آهي. سندس چوڻ هو ته حريت اڳواڻ ڪشميري عوام جي آزادي ۽ بنيادي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن، ڀارت، اسرائيل ۽ آمريڪا گڏجي مسلمانن خلاف سازش ڪئي.27