ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان جي سامونڊي فوج جي سربراهه ايڊمرل محمد ذڪاءُ الله چيو آهي ته اڄوڪو ڏينهن ارض پاڪ جي دفاع جي لاءِ بي لوث ولولي ۽ قرباني جي جذبي جو تقاضو ڪندو آهي. يوم دفاع پاڪستان جي موقعي تي پاڪ بحريا جي سربراهه ايڊمرل ذڪاءُ الله پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو ته اڄوڪو ڏينهن ارض پاڪ جي دفاع لاءِ بي لوث ولولي ۽ قرباني جي جذبي جو تقاضو ڪندو آهي. اڄ پاڪستان هر محاذ تي ثابت قدمي ۽ پرعزم انداز سان ترقي ڪري رهيو آهي تنهن هوندي پرُ امن بقا ۽ سٺن لاڳاپن واري خواهش سان گڏوگڏ سان کي خطي ۾ پيدا ٿيل تبديلين ۽ چيلنجن کان باخبر رهڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستنا نيوي پاڪستاني بندرگاهن، ساحلي پٽي ۽ سامونڊي راهدارين کي ڪنهن به خطري کان بچائڻ لاءِ هر وقت تيار آهي، پنهنجي شاندار روايت کي زندهه رکندي اڄوڪو ڏنهن اسان پنهنجي غازين ۽ شهيدن جي بي مثال حوصل، شجاعت ۽ ثابت قدمي جي نالي ڪيون ٿا.