ملڪ کي خطرو قومپرستن مان نه پر رشوت خورن ۽ انتها پسند سوچ رکندڙن مان آهي: سيد جلال شاهه
February 27, 2017 at 5:57 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي دهشتگردي ۽ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ رياست ۾ مذهب ۽ سياست کي الڳ ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. ڪرپشن سبب ملڪ ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي هٿي ملي رهي آهي. سنڌ جي تاريخي وحدت ۽ جاگرافيائي سان ڪنهن به هٿ چراند ڪئي ته اُن کي برداشت نه ڪنداسين. آصف زرداري کي ۲۰۱۸ع جي چونڊن ۾ هڪ دفعو ٻيهر سن مان چئلينج ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران حيدرآباد ۾ رٿيل سنڌ مارچ جلسي کي خطاب ڪندي مختلف اڳواڻن ڪيو. ان موقعي تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه چيو آهي ته هي پروگرام پهرين ڪراچيءَ ۾ رکيو ويو هو، پر حڪومت طرفان بندر روڊ ۽ شاهراءِ فيصل تي ۱۴۴ قلم لاڳو ڪيو ويو، سيوهڻ واقعي کان اڳ ئي اهڙي ڪارروائي ڪئي وئي. سنڌ حڪومت اِهو اِن ڪري ڪيو ته اسان سندن رشوت خوري ۽ ڪرپشن کي اچي ڪراچيءَ ۾ وائکو ڪريون ها، پر سندن وحشيت ۽ ڪرپشن کي هتي به وائکو ڪري رهيا آهيون، جيڪڏهن اسان ڪراچيءَ مان حيدرآباد پروگرام منتقل ڪري هڪ قدم پوئتي هٽايو آهي ته چار قدم اڳتي به وڌائي سگهون ٿا. هن چيو ته سڄي سنڌ بربادي ۽ ڪرپشن جي ور چڙهيل آهي، رڳو هڪ شهر جي ڳالهه ناهي، سنڌ حڪومت پنهنجن ڪمائو آفيسرن کي به پئسو لٽڻ لاءِ مقرر ڪيو آهي. هن چيو ته اڄ سنڌ جي عوام دهشتگردي، ڪرپشن ۽ مذهبي انتهاپسنديءَ خلاف فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته پاڪستان کي خطرو قومپرستن کان نه پر رشوت خورن سان آهن، جيڪي رشوت خورن سان گڏوگڏ انتهاپسند ۽ دهشتگرد به آهن، قومپرست وطن پرست ۽ انسان دوست آهن. هن چيو ته سائين جي ايم سيد قومپرستيءَ جي جيڪا به تشريح ڪئي، ان ۾ عدم تشدد جو فلسفو به ڏنو، جيڪو سائين جي ايم سيد جي عدم تشدد واري فلسفي کي ڇڏيندو اُهو گمراهه ٿي ويندو. هن چيو ته اسان جي حڪمرانن ۾ بنيادي طور تي سوچ جو فرق آهن، هڪڙا سياست کي پنهنجو ڪاروبار ٿا سمجهن ۽ مالي غنيمت سمجهي ڌارين وانگر سنڌ جي دولت کي لٽيندا، اسان سياست کي سماجي خدمت سمجهون ٿا. هن چيو ته سنڌ جا حڪمران هر ماڻهو جو مُلهه مقرر ڪري ويٺا آهن، پر ايماندار سياستدان ۽ حياءَدار هر ماڻهوءَ جو ڪوبه مُلهه نه آهي. هن چيو ته حڪمرانن سدائين سنڌ جي مستقل آبادي اردو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙن کي وڙهائي سياست ڪئي آهي. هن چيو ته حڪمرانن جي ترجيح سنڌ جي دولت لٽي وڏيرن کي گڏ ڪرڻ آهي، اسان جي ترجيح سنڌ جي ماڻهن کي گڏ ڪري کين خوشحالي طرف وٺي وڃڻ آهي. هن چيو ته اسان ايوانن ۾ نه هوندي به سنڌ جي حقيقي اپوزيشن آهيون، اسان سنڌ جي ماڻهن کي اپيل ٿا ڪريون ته هو حڪمرانن جي گناهن جو حصو بڻجڻ بدران اسان جو ساٿ ڏين. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) هڪ کوٽي سڪي جا ٻه پاسا آهن ۽ سڪو ساڳيو ئي آهي، ڪو اُن ڪي حاجي چوي ڪو اُن کي گاجي چوي. هن چيو ته مسلم ليگ جڏهن مخالف ڌر ۾ هئي ته اسان کي ڳلي لڳائي ڪيترائي واعدا ڪيا. هن چيو ته مسلم ليگ جي پسنديده پارٽي پيپلز پارٽي آهي، جيڪا ڪرپشن جي بادشاهه آهي ته پوءِ اِهو سوچڻ گهرجي ته مسلم ليگ جي ڪرپشن ڇا هوندي. هن چيو ته مذهبي معاملن کي رياستي معاملن ۾ رکڻ جي ڪري اڄ هي انتهاپسندي آهي، رياست کي دوست ۽ دشمن جي سڃاڻپ ڪرڻي پوندي، تيستائين مسئلا حل نه ٿيندا. هن چيو ته سنڌ جي تاريخي وحدت ۽ جاگرافيائي سان ڪنهن به هٿ چراند ڪئي ته اُن کي برداشت نه ڪنداسين. هن چيو ته صاف پاڻي انسان جو بنيادي حق آهي، پر اڌ سنڌ کان وڌيڪ ماڻهو گندو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن. هن چيو ته اسان نئين سنڌ اڏڻ جا بنياد رکڻ چاهيون ٿا، جن قومي ڪارڪنن ذهن ۽ ضمير زنده آهن، انهن کي يقين ڪرڻ گهرجي ته تبديلي ممڪن آهي، اسان ملڪ جي سموري سيڪيولر ۽ ترقي پسند ۽ لبرل سياسي پارٽين کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪريرهيا آهيون. سنڌ مارچ هتي ختم ناهي ٿيو، پر هتان شروع ٿي آهي. اسان پرامن نموني سان ٿيندا هتي گڏ ٿيا آهيون، ڪنهن کي به ڪا تڪليف ناهي ٿي. اسان آدمشماريءَ کانپوءِ هر ضلعي ۾ سنڌ مارچ ڪنداسين ۽ پوءِ ڪراچيءَ ۾ سنڌ مارچ ڪندا. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جي مرڪزي اڳواڻ زين شاهه چيو ته پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ضياءَ ۽ ايوب جي پيداوار آهن، پاڪستان ٺهڻ شرط ئي پاڪستان کي هڪ مخصوص ذهنيت هلايو. هن چيو ته ۷۰ سالن کان جيڪا حڪمراني هلي پئي، اُها جيڪڏهن هاڻ اڳتي هلي ته ملڪ برباد ٿي ويندو ۽ حالتون اُنهن قوتن جي هٿن مان نڪري وينديون، جيڪي پاڪستان ٺهڻ کان وٺي هن ملڪ جا واڳ ڌڻي آهن. هن چيو ته اڄ به وڏيرا ۽ سردار هڪ پاسي ٿي بيٺل آهن، اسٽبلشمينٽ به انهن وڏيرن ۽ جاگيردارن جي ساٿاري بڻيل آهي. هن چيو ته اڄ جي سنڌ سرڪار ۾ وزير اعليٰ کان وٺي هر حڪومتي نمائندو ايماندار ناهي. هن چيو ته سازش تحت اليڪشنون ٿين ٿيون، هڪڙن کي حڪومتن تان لاهي ٻين کي واڳون ڏنيون وڃن ٿيون، ۲۰۱۸ جي اليڪشن ۾ به ملڪ کي بچائڻ بدران اُهو ساڳيو ئي رويو اختيار ڪيو ويو آهي، پر هاڻ اِهو رويو نه هلندو. هن چيو ته پاڪستان کي علائقائي امن لاءِ اتحاد ڪرڻو پوندو، دهشتگرديءَ خلاف آپريشن ڪرڻو آهي ته اتحاد جي ضرورت آهي. هن چيو ته زرداري ۽ اُن جي ٽيم جن جا سوئز اڪائونٽ ۾ اربين، کربين روپيا پيل آهن، انهن سنڌ جون زمينون ۽ وسيلا کپايا آهن. هن چيو ته بي ايمان سياستدانن ۽ ڪامورن کي جيل ڀيڙو ڪري ۽ ملڪيتون ضبط ڪندي سياست ڪرڻ کان نه روڪيو ويو ته حالتون بدلجي نه سگهنديون، ڪرپشن ۽ دهشتگرديءَ کي ٻنجو ڏيڻو آهي ته بي ايمانن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته زرداريءَ کي ۲۰۱۲ع ۾ سنڌ کي انتظامي طور ورهائڻ تي سن مان چئلينج آيو هو ۽ هاڻ به زرداريءَ کي سن مان ئي چئلينج ايندو. هن چيو ته اسين پاڪستان ۽ وفاق ۾ رهڻ چاهيون ٿا ۽ وفاق جو حصو آهيون، پر ڇا اسان کي پنهنجي وطن جو مالڪ سمجهي اسان کي پنهنجا حق ڏنا ويندا؟. هن چيو ته وڏيرن ۽ جاگيردارن جي پٺڀرائي ۽ سهولتڪاري بند ڪئي وڃي. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ دودو مهيري چيو ته اڄ سنڌ کي ڇا ٿي ويو آهي، جيڪا سنڌ سچل، لطيف، محمد هاشم ٺٽوي، علي محمد مهيري ۽ ابراهيم گروڙيءَ واري سنڌ هئي. هن چيو ته سنڌ جي حڪمرانن سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ماڻهن کي ننڌڻڪو ڪيو پيو وڃي ۽ ڌماڪا ٿيڻ کانپوءِ سرڪار پاران رڳو فوٽو سيشن ڪرائي ڪوڙيون همدرديون ڪيون پيون وڃن. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جي مرڪزي اڳواڻ روشن ٻرڙو چيو ته سرڪار جي رڪاوٽن باوجود وطن پرست، قومي ڪارڪن ۽ سنڌ جي عاشقن هن مارچ ۾ شامل ٿي اِهو ثابت ڪيو آهي ته سرڪار توڙي ٻين ڪيترن ئي رڪاوٽن باوجود هو وطن سان عشق ۾ڪرپشن، دهشتگردي ۽ انتهاپسنديءَ خلاف روڊن تي نڪري آيا آهن. هن چيو ته سنڌ سرڪار ڪراچيءَ ۾ لکين سنڌي ماڻهن جي گڏ ٿيڻ کي روڪڻ لاءِ قلم ۱۴۴ لاڳو ڪيو. هن چيو ته جيڪڏهن لکين ماڻهو ڪراچيءَ ۾ گڏ ٿي سنڌ سرڪار کي آئينو ڏيکاري ها ته هو عوام جو اعتماد وڃائي چڪا آهن، حڪمرانن کي عوام بي اعتماديءَ جو اظهار ڪري ٿي. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جي عورت اڳواڻ ثمرين ڀٽو چيو ته ڪرپٽ حڪمران سموريءَ سنڌ کي تباهه ڪري ڪچري جو ڍير بڻائي ڇڏيو آهي، هڪ طرف سنڌ ۾ لاقانونيت آهي ته ٻئي طرف ڪرپشن ۽ مذهبي انتهاپسنديءَ سنڌ کي مڪمل طور تي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، جنهن خلاف اڄ سموري سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سنڌ مارچ ۾ قرارداد پاس ڪندي چيو ويو ته سنڌ سڀني مذهبن جي جنم ڀومي آهي، اُن ڪري اسان رياست کان مطالبو ڪيون ٿا ته مذهبي معاملن کي سياست کان الڳ ڪري دهشتگردي ۽ ڪرپشن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، ڇو ته دهشتگردي ۽ ڪرپشن جو هڪٻئي سان ڳٺ جوڙ آهي. سيوهڻ واقعي جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي، قلندر جي مزار تي مقرر ٿيل اهلڪار ڊيوٽي تي موجود نه هئا ۽ اسپتال ۾ عملو موجود نه هو، اُن ڪري وڌيڪ جانيون ضايع ٿيون، سنڌ حڪومت جي اهڙي لاپرواهيءَ جي ڪري سنڌ حڪومت خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ حڪمرانن کي گهر ڀيڙو ڪيو وڃي. پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت جي ڪرپشن خلاف قدم کڻي سمورن ڪرپٽ سياستدانن ۽ ڪامورن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻين سندن ملڪيتون ضبط ڪري کانئن سياست ڪرڻ جو حق کسيو وڃي.