اسلام آباد(بيورو) مسلم ليگ(ن) جي سيڪريٽري جنرل احسن اقبال چيو آهي ته ملڪ کي حڪمراني جو ڪورونا وائرس کائي رهيو آهي جنهن جو واحد علاج فوري طور تي صاف شفاف اليڪشن آهي.خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي احسن اقبال چيو ته جج جي فيصلي واري مس اڃان خشڪ ئي ناهي ٿي ته نيب ٻئي ڏينهن گهرائي ورتو. ڪاش نيب جون اهي ڦڙتيون اٽي ۽ کنڊ مافيا جي خلاف به هجن. پر سموري مافيا وزيراعظم جي ڇتري هيٺيان ويٺل آهي. احسن اقبال چيو ته نيب قانون ۾ ترميم نه ڪرڻ جي ذميواري ڪنهن حد تائين اسان تي آهي پر عمران خان هاڻ نيب قانون ۾ ترميم نه ٿيڻ ڏيندو. هن چو ته عمران خان ملڪ جي تاريخ جو سڀني کان وڏو ورهائيندڙ اڳواڻ آهي. عمران خان پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ ڪليئر ڇو نٿو ٿئي.؟ (ن) ليگ اڳواڻ چيو ته امڪان آهي ته پاڪستان تي اسٽريٽجڪ پروگرام ڪمپرومائز ڪرڻ جو دٻاءُ وڌو وڃي. واحد رستو نيشنل ڊائيلاگ جي ذريعي 10 سالن جي روڊ ميپ تي اتفاق ڪرڻ آهي.هن وڌيڪ چيو ته ذاتي راءِ آهي ته حڪومت کي ايندڙ بجيٽ ٺاهڻ جو موقعو ڏنو وڃي. هڪ سوال تي هن چيو ته ملڪ کي حڪمراني جو ڪورونا وائرس کائي رهيو آهي. حڪمراني جي ڪورونا وائرس جو واحد علاج فوري طور تي صاف شفاف اليڪشن آهي. هن سال صاف شفاف اليڪشن ڪرايا وڃن. احسن اقبال وڌيڪ چيو ته پارليامنٽ جي اندر ۽ ٻاهر احتجاج جاري رکنداسين. ايندڙ چونڊن ۾ عوام نوازشريف کي جهوليون ڀري ووٽ ڏيندو.