حيدرآباد (بيورو): پيپلز پارٽي اڳواڻ مولا بخش چانڊيو وزيراعظم نواز شريف کان مطالبو ڪيو آهي ته ملڪ هلائڻو آهي ته وزيراعظم ادارن جو احترام ڪري ۽ حڪومت ڇڏي ڏئي، مولا بخش چانڊيو حيدرآباد ۾ لوڊشيڊنگ خلاف حيسڪو آفيس ٻاهران ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي، مولسا بخش چانڊيو احتجاجي ڪيمپ ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي عمران خان تي به ڇتي تنقيد ڪئي ۽ چيو ته عمران خان نٿو چاهي ته نواز شريف خلاف طاقتور تحريڪ هلي، سندس چوڻ هو ته وزيراعظم صادق ۽ امين ناهي رهيو، حيسڪو جو وزير ملڪ جو به دشمن آهي ۽ نواز شريف جو به، سپريم ڪورٽ جو فيصلو ڪافي آهي، وزيراعظم صاحب اوهان جو اخلاقي جواز ختم ٿي ويو، اوهان کي ڪنهن به حالت ۾ وڃڻو پوندو، هن چيو ته تحريڪ انصاف جا دانشور دوست عمران خان کي سياست سيکارين، جيڪڏهن عمران خان کي نه ٿا سمجهان ته اسان سمجهنداسين ته اوهان جو ن ليگ سان ڳٺ جوڙ آهي، خان صاحب پنجاب سبب ڊنل آهي، ان ن ليگ سان لڳي ڳٺ جوڙ ڪري ڇڏي آهي، پي ٽي آءِ جي دوستن کي چوان ٿو ته تبديلي آڱر سان نه عوامي طاقت سان ايندي.