ملڪ لٽڻ وارن کي عبرت جو نشانو بڻائينداسين: وزيراعظم

ڪوئيٽا(م ڊ) : وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته زرداري ۽ نواز جي حڪومتن ملڪ سان جيڪو ڪيو اهو ڪو دشمن به نه ڪندو. جيڪڏهن هڪ فيڪٽري تي ڦورن کي ويهاري ڇڏجي ته فيڪٽري بند ٿي ويندي ته ملڪ ڪيئن هلي سگهندو.ڪوئيٽا ۾ نيا هائوسنگ اسڪيم منصوبي جو سنگ بنياد رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان چيوته اپوزيشن وارا چون ٿا ته عمران خان جي حڪومت کي جلدي ڪيرايو، نه ته اسان جيلن ۾ هونداسين، ٻن شريف خاندانن ۽ زرداري جيڪو ڪجهه ملڪ سان ڪيو آهي، ڪو دشمن به ائين ناهي ڪندو. ڪوئيٽا ۾ نيا پاڪستان هائوسنگ اسڪيم جي افتتاحي تقريکي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته زمين ۽ اڏاوتن جا اگهه وڌڻ سبب غريب ماڻهن لاءِ گهر ٺهرائڻ ڏُکيو ٿي ويو آهي، پگهاردار طبقو به پنهنجي پگهار مان گهر نٿو ٺهرائي سگهي.وزيراعظم عمران خان چيو ته ٿي سگهي ٿو ته ايندڙ پنج سالن ۾ پنجاهه لک کان به وڌيڪ گهر ٺاهيا وڃن، برطانوي ڪمپنيز پاڪستان اندر هائوسنگ شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ گهرن ٿيون، اُن کي نظر ۾ رکندي پنجاهه لک گهرٺاهي ڏيڻ جو پروگرام جوڙيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو وڏن ڦورن ۽ لُٽيرن ۾ هٿ وڌا پيا وڃن، اُنهن کي پڪڙيو پيو وڃي، بلوچستان ۽ اندرونِ سنڌ ۽ اڳوڻو فاٽا پُراڻي پاڪستان ۾ پوئتي رهجي ويا هئا، نئين پاڪستان ۾ اُنهن کي مٿي آڻڻو آهي ۽ ترقي ڏيارڻي آهي.عمران خان اپوزيشن پارٽيز تي تنقيد ڪندي چيو ته اُنهن ملڪ سان جيڪو ڪجهه ڪيو، ڪو به دشمن به ايئن ناهي ڪندو. وفاقي سرڪار ٽيڪس سان پئسو گڏ ڪندي آهي، اُنهن مان ٻه هزار ارب رڳو قرضن جي قسطن ۾ هليا وڃن ٿا. هن چيو ته پ پ ۽ (ن) ليگ جيڪو ملڪ سان ڪيو، ڪير به پنهنجي ملڪ سان ايئن ناهي ڪندو. هن چيو ته اُهي قرض پاڪستان تان لهي ويندا، پر ڪجهه وقت لاءِ ڏُکيائيون لازمي اينديون. عمران خان چيو ته ڪنهن وقت ۾ سندس مذاق اڏايو ويندو هو ته ٻن پارٽيز جي نظام ۾ ٽئين جماعت ڪيئن اچي سگهي ٿي، اسان کي روزانو نيون شيون ملي رهيون آهن، تنهن ڪري ڊڄي رهيا آهيون.اُن ڪري مخالف چون پيا ته عمران خان جي حڪومت کي جلدي ڪيرايو، نه ته اسان جيل ۾ هليا وينداسين. ٻن شريف خاندانن، زرداري ۽ اومني گروپ پئسو چوري ڪري ملڪ کان ٻاهر موڪلي ڇڏيو، تنهن ڪري جيلن ۾ وڃڻ کان بچڻ لاءِ اُهي چون پيا ته جلدي ڪريو ۽ عمران خان جي حڪومت کي ڪيرايو.وزيراعظم عمران خان جي يو آءِ اڳواڻ مولانا فضل الرحمان تي تنقيد ڪندي چيو ته ننڍي هوندي راند کيڏندا هئاسين ته هڪ رانديگر روئڻو هوندو هو، اُڻ کي مشڪل سان بئٽنگ جو وارو ملندو هو ته جلدي آئوٽ ٿي هليو ويندو هو. جڏهن کان مولانا فضل الرحمان چونڊن ۾ شڪست کاڌي آهي، تڏهن کان نه ته پاڻ کيڏي پيو ۽ نه ئي وري ٻين کي کيڏڻ پيو ڏئي، هو روزانو بيان ڏئي ٿو ته اسلام آباد ۾ ڏهه لک ماڻهو آڻيندس.ان کان اڳ وزيراعظم پاڪستان عمران خان ڪوئيٽه ۾ نئين پاڪستان  هائوسنگ اسڪيم جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. پيڙهه جي پٿر رکڻ واري افتتاحي تقريب ۾ صوبائي وزيرن ۽ ٻين اهم شخصيتن به شرڪت ڪئي. شيرين مزاري ۽ وفاقي علي زيدي به وزيراعظم سان گڏ هئا. عمران خان تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته هن پروگرام جو مقصد عام ماڻهن کي اجهو فراهم ڪرڻ آهي.اسان اسيمبلي ۾ هڪ قانون کڻي اچي رهيا آهيون ته جيئن بئنڪن مان قرض کڻڻ ۾ آساني ٿئي.  وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ٻن سياسي پارٽين جي ڪري ملڪ کي وڏو نقصان پهچي رهيو آهي هن چيو ته ملڪ ان وقت تائين ترقي ڪندا آهن جيستائين رياست معاشري جي ڪمزور طبقن جو خيال رکندي آهي ۽ ڪابه قوم ان وقت تائين ترقي نٿي ڪري سگهي جيستائين ڪرپٽ ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ نٿو آندو وڃي.هن چيو ته اسان پنجاهه لک گهرن جو پروگرام ٺاهيو آهي ڇو ته هڪ عام ماڻهو جي سڀني کان وڌيڪ اهم ضرورت اها هوندي آهي ته منهنجو پنهنجو گهر هجي. هن چيو ته ڪرپشن جو وڏو سبب اهو آهي ته پگهاردار ماڻهن جي پگهارن مان گهر نٿا ٺهي سگهن.هن وڌيڪ چيو ته وقت گذرڻ سان گڏ غريب ماڻهن لاءِ گهر وٺڻ مشڪل بڻجندو پيو وڃي. ڇو ته زمين ۽ تعميرات جون قيمتون وڌي ويون آهن پر پگهارن ۾ مناسب اضافو ناهي ڪيو ويو. وزيراعظم ڪوئٽه جي دوري دوران هزارا برادري جي وفد سان ملاقات ڪري هزار گنجي ڌماڪن ۾ شهيد ٿي ويلن جي وارثن سان تعزيت ڪئي.وزيراعظم هزارا برادري جي وفد جا مسئلا به ٻڌا ۽ يقين ڏياريو ته حڪومت هنن جي حفاظت کي يقيني بنائڻ لاءِ بهتر قدم کڻندي. وزيراعظم جي ڪوئيٽه پهچڻ تي گورنر بلوچستان امان الله خان، ياسين زئي ۽ وزيراعليٰ ڄام ڪمال وزيراعظم جو ايئرپورٽ تي استقبال ڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *