ملڪ قرضن ۾ ٻڏل رهيو، اقتدار ۾ اچي 800 ارب گڏ ڪري ڏيکاربا: عمران خان

بنون(م ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ملڪ قرضن ۾ ٻڏل رهيو آهي، آمدن ۽ خرچن ۾ فرق ۽ ملڪ  خسارو وڌي رهيو آهي، وفاقي حڪومت ريونيو گڏ نٿي ڪري سگهي. بنون ۾ يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ انشاءَ الله مرڪز ۾ حڪومت ملندي، آئون قوم جي حوصلا افزائي ڪري 8 سئو ارب رپيا جمع ڪري ڏيکاريندس جيڪي ملڪ ۾ تعليم ۽ صحت تي خرچ ڪنداسين، اسان پيسا پنهنجن نوجوانن تي لڳائينداسين جن کي هن  قوم جي مٿان آڻبو، هن چيو ته آئون اهو پاڪستاني آهيان جنهن کي پاڪستاني قوم سڀ کان وڌيڪ پيسو ڏيندي آهي،  اسان جيڪي پيسا گڏ ڪنداسين ان کي خرچ ڪرڻ لاءِ پهرين ترجيح تعليم هوندي، اسان پنهنجي نوجوانن جي تعليم تي خرچ ڪيوجن ته اهي اسان جي طاقت بڻجي سگهن ٿا، هن چيو ته سنگاپور يونيورسٽي جي سالياني بجيٽ پاڪستان جي تعليمي بجيٽ جيتري آهي، پاڪستان نوجوان آبادي دنيا ۾ ٻئي نمبر تي آهي اسان ملڪ لاءِ هو ناهي ڪيو جيڪو اسان کي ڪرڻ گهرجي ها.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *