ملڪ غنڊه گردي سان نه هلندو، ڌمڪين تي پارليامينٽ ۾ بحث ڪبو: خورشيد شاهه
June 1, 2017 at 7:11 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد (بيورو): مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه شاهه نهال هاشمي جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جهڙيءَ ريت ادارن کي ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن، سڀاڻي ملڪ جي صدر کي هڪ لفظ به نه ڳالهائڻ ڏيندا، جهڙيءَ ريت ڌمڪيون ڏنيون ويون، ان تي پارليامينٽ جي اجلاس ۾ بحث ڪنداسين، انڪوائري ڪندڙن کي اهڙيءَ ريت ڊيڄارڻ ۽ ڌمڪائڻ ڪنهن به ريت مناسب ناهي، سڀاڻي جي اجلاس ۾ نهال هاشمي کي ڊي سيٽ ڪرڻ جو مطالبو به ڪنداسين، خورشيد شاهه چيو ته ملڪ گنڊه گردي سان نه هلندو، سپريم ڪورٽ هڪ جي آءِ ٽي بڻائي آهي، ان کي ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي، جي آءِ ٽي جي ميمبرن کي ڊيڄارڻ ڌمڪائڻ سمجهه کان مٿانهون آهي.