ملڪ جي ٻاويهه ڪروڙ عوام مان ٽي هزار ماڻهو ستر سيڪڙو ٽيڪس ڏيندا آهن: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارت پاڪستان ۾ شيعا سني ڏڦيڙ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اسان جي ايجنسين ڀارتي ارادن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، سيڪيورٽي ادارن ڪيترن ئي گروهن کي دهشتگردي کان اڳ گرفتاري ڪري ورتو.اسلام آباد ۾ سوشل ميڊيا ورڪرن سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته داعش کي ڀارت سپورٽ ڪري رهيو آهي، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي حڪومت جو هڪ ئي مقصد آهي ته پاڪستان ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪجي، ڀارت پاڪستان ۾ شيعا سني ڏڦيڙ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان جي ادارن فرقيوار تڪرار روڪڻ لاءِ بهترين ڪم ڪيو.هن چيو ته تبديلي هڪ مسلسل عمل جو نالو آهي، ڪو سوئچ ناهي جو آن ڪيون ته تبديلي اچي وڃي، اسان هڪ فيصلائتي مرحلي ۾ آهيون، اسان جي برآمد وڌي رهي آهي، ڪنسٽرڪشن انڊسٽري ٽيڪ آف ڪري وئي آهي، سروس انڊسٽري هن وقت سڄي دنيا ۾ بحران جو شڪار آهي، جڏهن توهان خرچ گهٽ ڪندا آهيو ته ڊمانڊ کي هيٺ آڻيندا آهيو.سندس چوڻ هو ته اسان جي ٽيڪس مشينري گهڻي ڪرپٽ آهي، ملڪ جي 22 ڪروڙ عوام مان رڳو 3 هزار ماڻهو 70 سيڪڙو ٽيڪس ڏيندا آهن، ٽيڪس نظام کي شفاف بڻائڻ لاءِ ٽيڪنالاجي استعمال ڪنداسين.عمران خان چيو ته پ پ ۽ ن ليگ ملڪي نه ذاتي مفاد لاءِ گڏ ٿيون آهن، ڪرپٽ حڪومت سبب ملڪ ۾ مسئلا پيدا ٿيندا آهن ۽ دنيا حڪمرانن جي ڪرپشن خلاف نڪرندي آهي، انهن ايف اي ٽي ايف جي معاملي تي اين آر او وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪرپٽ عنصرن کي اين آر او ڏيڻ سان ملڪ کي نقصان ٿيندو، اين آر او نه ڏيندس، ان سان ملڪ تباهه ٿي ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *