ملڪ جي مختلف شهرن ۾اڄ به ڪوهيڙي جو راڄ برقرار آهن، نظر جي حد گھٽجڻ سبب موٽر ويز کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو.
موٽر وي پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته موٽر وي ايم 3 کي لاهور کان رجانه تائين ۽ ايم 4 کي شور ڪو ٽ کان ملتان تائين بند ڪيو ويو.
ترجمان ٻڌايو ته موٽر وي ايم 5 ملتان کان رڪن پور ۽ ملتان کان روهڙي تائين پڻ هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند آهي.
ترجمان ڊرائيورن گاڏين جي آڏو ۽ پويان فوگ لائٽن جي استعمال يقيني ۽ بڻائڻ ۽ عوام غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي.