ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ اختلافن کي وساري هڪ ٻئي سان ساٿ نڀائڻو پوندو: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (اين اين آءِ) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سمورا اختلاف وساري هڪ ٻئي جو ساٿ نڀائڻو پوندو. ڇڪتاڻ واري ماحول ۾ اقتصادي طاقت وارو خواب پورو نه ٿي سگهندو. سمورا ذميوار رنجشن تي ضابطو ڪري قومي مفاد ۾ آئين پاڪستان تي متحد ٿي وڃن. پاڪ چين تعلق خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي ضمانت آهي. للڪارن تي ضابطو آڻي ئي اعليٰ مقام حاصل ڪري سگهجي ٿو. صدر اها ڳالهه ڪنويشن اسلام آباد ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ واري مک تقريب کي خطاب دوران چئي. صدر ممنون حسين جو وڌيڪ چوڻ هو ته نوجوان عقلمندي جو مظاهرو ڪري قومي مقصد جي تڪميل جو ذريعو بڻجن. قوم جو مزاج بنيادي طور تي جمهوري ۽ پارلياماني آهي. نوجوانن جي بيچيني تي ڌيان وقت جي اهم ضرورت آهي. ان جهنڊي ڦڙڪائڻ واري مک تقريب ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي به شرڪت ڪئي. ڪنوينشن سينٽر هال ۾ ٿيل ان تقريب دوران جهنڊو ڦڙڪائڻ کان اڳ گهگهو وڄايا ويا ۽ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي جنهن جو مقصد پاڪستان جي جدوجهد ۾ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪندڙن کي زبردست ڀيٽا پيش ڪرڻ هو. ان موقعي تي صدر ممنون حسين قومي جهنڊو ڦڙڪايو. چين جي نائب وزيراعظم وانگ يانگ به ان تقريب ۾ خاص طور تي شرڪت ڪئي. جڏهن ته ان مک تقريب ۾ سينيٽ جي چيئرمين، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، ٽنهي هٿياربند فوج جي سربراهن، وفاقي وزيرن، پارليامينٽ جي ميمبرن کانسواءِ مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻهن جي وڏي انگ پڻ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي صدر وڌيڪ چيو ته قانون جو احترام ۽ اصول پسندي سان ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي ٿي. صدر چيو ته ترقي ۽ خوشحالي لاءِ اختلافن کي وساري هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ گهرجي. هن سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي مخاطب ٿيندي چيو ته سمورا ذميوار رنجشون ختم ڪري قومي مفاد ۾ آئين پاڪستان تي گڏ ٿي وڃن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *