ڪراچي (اين اين آءِ) ملڪ جي آزاديءَ کان اڳ پيش آيل چار هزار کان وڌيڪ جذباتي پر سچن واقعن جو مجموعو تيار ڪيو ويو اهي، جنهنکي پهريون خميس تي عوام لاءِ آن ڪيو ويندو. انڊوايشين نيوز سروس موجب پاڪستان، ڀارت ۽ امريڪا جي نالي واري يونيورسٽِن جي تعاون سان تيار ڪيل ان تاريخي/ انٽرويو جو هڪ حصو 10 آگست تي اسٽيل فورڊ يونيورسٽي مان آن لائين جاري ڪيو ويندو. 1947 پارٽيشن آرڪائيلڊ اهڙي تنظِم آهي جنهن ڀارتي ۽ پاڪستاني شهرين جي چار هزار 300 اهڙن ماڻهن جا انٽرويو تيار ڪيا آهن جن جذبا ت سان واقعن جو تجربو ڪيو، 22 ٻولين ۾ 12 ملڪن مان گڏ ڪيل 30 هزار کان وڌيڪ ڊيجيٽل دستاويز ۽ تصويرن جي ذريعي اها سڀ کان ووڏي اورل هسٽري آرڪائيلڊ وجود ۾ آهي، جنهن جو مقصد گھٽ ۾گھٽ اهڙيون 10 هزار ڪهاڻيون گڏ ڪرڻ آهي جيڪي تحريڪ آزادي جو پاڻ حصو بڻيون، 1947 ۾ پارٽِشن آرڪائيلڊ منصوبي جي ايگڪٽور ڊائريڪٽر گنتيا سنگھه موجب باقي مجمو عو آن لائين ڪرڻ جي حوالي سان ڪافي نازڪ ۽ سنجيده سمجھيو پيو وڃي. انڪري ان کي صرف ماهرن ۽ ٻيا دلچسپيون وٺڻ لاءِ واسطيدارن لاءِ دستياب ڪيو ويندو، ان چيو ته اهو آرڪائيلڊ دنيا جي پهرين ۽ پاڪ و هنڌ جي تاريخ سڀ کان وڏي ڪوشش آهي.