اسلام آباد (بيورو) فوجي عدالتن جي مُدي ۾ 2 سالن جي واڌ جو بل منظوريءَ جي لاءِ قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪر يڇڏيو آهي، قومي اسيمبلي اسپيڪر سردار اياز صادق جي سربراهيءَ ۾ ٿيندڙ قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد آرمي ايڪٽ ترميمي بل 2017ع پيش ڪيو، بل جي متن ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگرد گروپن ۽ هٿيار بندجٿن طرفان ملڪي سلامتيءَ کي اڃا به خطرا آهن، دهشتگردي يا بغاوت بابت ڏوهن جي فوري ٻڌڻيءَ وارا قدم اڻٽر آهن، ان جي لاءِ فوجي عدالتن ۾ 2 سالن جي واڌ جي صلاح پيش ڪئي وئي آهي. بل جي متن ۾ چيو ويو آهي ته آرمي ايڪٽ جي ڪري کنيل خاص قدم وڌيڪ ٻه سال جاري رکيا وڃن، فوجي عدالتن جي قيام ۾ 2 سالن جي واڌ ڪئي ويندي، 21 هين ترميم 7 جنوريءَ 2015ع تي لاڳو ٿيندي ۽ 6 جنوري 2017ع تي رد ٿيندي پر غير معمولي واقعا ۽ حالتون اڃا به موجود آهن ان جي لاءِ فوجي عدالتن جي مُدي ۾ ٻه سال واڌ ڪئي وڃي. آرمي ايڪٽ جي منظوريءَ جي صورت ۾ بل 7 جنوري 2017ع تائين لاڳو ٿيندو، فوجي عدالتن ۾ دهشتگرديءَ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿيندي، 2 سالن کانپوءِ فوجي عدالتن ۾ ٻڌڻيءَ هيٺ ڪيس دهشتگرديءَ جي انت وارين عدالتن ۾ منتقل ٿي ويندا. پاڪستان خلاف هٿيار کڻندڙ، هٿياربند فوج، عدليا، سرڪاري ملازمن يا شهرين تي حملو ڪندڙن جو ٽرائل فوجي ايڪٽ تحت ڪيو ويندو. قانون واري وفاقي وزير چيو ته پارليامينٽ اڳواڻن جا 9 مشاورتي اجلاس ٿيا، فوجي عدالتن جي بل تي سڀني سياسي پارٽين اتفاق ڪيو هو ۽ هاڻي به اتفاق راءِ جي لاءِ ڪوششون ڪنداسين، هن چيو ته خاص قدمن ۾ واڌ جي لاءِ هيءُ بل پيش ڪيا ويا آهن ۽ آئين ترميم جي منظوريءَ کان پوءِ مسودو 23 هين آئيني ترميم بڻجي ويندو. قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق پيش ڪيل حڪومتي مسودن کي ٻيهر پارلياماني اڳواڻن جي ڪميٽيءَ کي موڪلي ڇڏيو آهي، هن قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد کي هدايت ڪئي ته کُليل ذهن سان سومر تي پارلياماني اڳواڻن جو اجلاس سڏائي ۽ پارلياماني اڳواڻن جي ڪميٽي وڌيڪ صلاحن کان پوءِ مسودي کي آخري شڪل ڏئي.36