مانسهره اسلام آباد ( بيورو ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته ملڪي تاريخ جو سڀ کان گڏو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي آهي. مانسهره ۾ ميمبرسازي ڪيمپن ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته عوام کي حڪمرانن مان ڇوٽڪارو ڏيڻ جو وقت اچي ويو آهي ۽ ايندڙ وقت تحريڪ انصاف جو هوندو. هن چيو ته ايترو ڪي پي جو فنڊ ناهي جيترو پئسو شهباز شريف لاهور ۾ لڳائي ڇڏيو آهي. سندس چوڻ هو ته پنجاب جي اڌ کان وڌيڪ بجيٽ لاهور تي خرچ ڪئي ويندي آهي. عمران خان چيو ته محدود ترين وسيلن باوجود ڪي پي ۾ تبديلي نظر اچي رهي آهي، بيروزگاري جو خاتمو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڪي پي جي اشتهارن ۾ منهنجي ۽ پرويز خٽڪ جي تصوير نه هوندي آهي، پئسو عوام ڏئي ٿو ۽ اشتهارن تي شڪليون وري حڪمرانن جون اچي وينديون آهن. سندس چوڻ هو ته اشتهارن جو نوٽيس وٺڻ تي چيف جسٽس کي خراج پيش ڪيون ٿا. عمران خان چيو ته شريف ڀائر آصف زرداري کان وڏا ڦورو آهن پر شريف ٿيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، اسان کي زرداري ۽ شريفن جون وڪيٽون ڪيرائڻيون آهن.