ملير ويجهو رائو انوار جي اڳواڻي ۾ ڪارروائي، مقابلي ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا

ڪراچي: ايس ايس پي ملير رائو انوار جو چوڻ آهي ته ملير جي علائقي ٻڪرا پڙي ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي خفيا ڪارروائي ڪئي وئي. پوليس جي نفري کي ڏسي دهشتگردن فائرنگ ڪري ڏني. پوليس علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو ۽ دهشتگردن جو رستو تنگ ڪري ڇڏيو. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ۸ هشتگرد مارجي ويا. ايس ايس پي ملير وڌيڪ ٻڌايو ته مارجي ويل دهشتگردن مان ٻن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي جنهن ۾ گل زمان ۽ تاج محمد جن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ جندالله سان آهن. دهشتگردن جي قبضي مان ليپ ٽاپ، دستي بم ۽ ٻيا هٿيار هٿ آيا آهن. رائو انوار ٻڌايو ته دهشتگرد گل زمان پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان ٽانگ جو سربراهه هو جڏهن ته مارجي ويل دهشتگردن مان هڪ آپگهاتي بمبار به شامل هو جنهن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم الاحرار سان آهي. هن وڌيڪ چيو ته حب ۽ ساڪران جي علائقن ۾ دهشتگرد موجود آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *