ملير جي تاريخي قبرستان حاجي پير تي لينڊمافيا ٽولي کي قبضي کان روڪڻ خلاف لينڊ مافيا ٽولي جي ونگار وهندي شاھ لطيف ٿاڻي جي پوليس ٻه ڳوٺاڻا گرفتارڪري گم ڪري ڇڏيا

ملير(رپورٽ:سيدصابرشاھ) ملير جي تاريخي قبرستان حاجي پير تي لينڊمافيا ٽولي کي قبضي کان روڪڻ خلاف لينڊ مافيا ٽولي جي ونگار وهندي شاھ لطيف ٿاڻي جي پوليس ٻه ڳوٺاڻا گرفتارڪري گم ڪري ڇڏيا، ڳوٺاڻن جي گرفتاري ۽ گم ٿيڻ خلاف ڪوهي ڳوٺ ۽ ڀروارن ڳوٺن جي سوين ڳوٺاڻن جو يوسي چئيرمين ۽ ڪائونسلرن جي اڳواڻي ۾ نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو، ٽن ڪلاڪن تائين روڊ بلاڪ، سوين گاڏيون بيهجي ويون، ڳوٺاڻن پاران اطلاع ڏيڻ جي باوجود تڪ جو ايم اين اي ۽ ايم پي اي ڌرڻي واري هنڌ نه پهتا، مڇريل ماڻهن لينڊ مافيا پاران قبرستان جي زمين تي زبردستي ڏنل ديوار کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو، ڳوٺاڻن جي ڌرڻي دوران پوليس اٽالا ۽ رينجرز جون گاڏيون پهچي ويون، ڳوٺاڻن پاران گرفتار ڪيل ٻن ڄڻن جي آزاد ڪرڻ جي مطالبي کانپوءِ پوليس ڪوڏا کوڏيندي گرفتار ڪيل ٻنهي ڄڻن کي آزاد ڪري ڇڏيو، جنهن بعد ڳوٺاڻن ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو. خبر موجب ملير جي ملير جي ڪوهي ڳوٺ، حاجي پيرڳوٺ ۽ ڀروارن ڳوٺن جي تاريخي قبرستان ۽ درگاھ حاجي پير جي زمين تي لينڊ مافيا ٽولي پاران روينيو عملي ۽ پوليس جي مدد سان قبضي ڪرڻ خلاف احتجاج ڪرڻ تي شاھ لطيف پوليس ڳوٺ جي ٻن سماجي اڳواڻن عبدالغفاربلوچ ۽ انوربلوچ کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو، جڏهن ڪوهي ڳوٺ جا ڳوٺاڻا يوسي چئيرمين جي اڳواڻي ۾ شاھ لطيف ٿاڻي تي پهتا ته پوليس چونڊيل نمائندن جي اڳيان سماجي اڳواڻن جي گرفتاري کان لاعملي جو اظهار ڪندي چيو ته ڳوٺاڻا شاھ لطيف پوليس وٽ ناهن، پوليس جي اهڙي جواب تي ڪوهي ڳوٺ ۽ ڀرپاسي وارن ڳوٺن جا سوين عورتون، ٻارڙا ۽ مرد احتجاج ڪندي گهرن کان ٻاهر نڪري آيا ۽ ڳوٺاڻن منزل پمپ وٽ نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، جنهن سبب نيشنل هاءِ وي جا ٻنهي پاسن کان ٽريفڪ مڪمل بند ٿي وئي، ٺٽي کان ڪراچي ايندڙويندڙ سوين گاڏيون بيهجي ويون، ڳوٺاڻن جي نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻي دوران پوليس ۽ رينجرز جا وڏا اٽالا پهچي ويا، جن ڳوٺاڻن کي روڊ کولڻ لاءِ چيو پر ڳوٺاڻن گرفتار ۽ گم ڪيل ٻنهي سماجي اڳواڻن جي آزاد ٿيڻ تائين ڌرڻي کي ختم ڪرڻ کان انڪار ڪيو، جنهن بعد ٽي ڪلاڪن تائين روڊ بلاڪ رهيو، آخر ڪار شاھ لطيف پوليس گرفتار ڪري گم ڪيل ٻنهي اڳواڻن محمد انوربلوچ ۽ عبدالغفاربلوچ کي آزاد ڪري ڌرڻي واري هنڌ پهچايو، جنهن بعد ڳوٺاڻن ڌرڻو ختم ڪيو، ان کانپوءِ مڇريل مظاهرين حاجي پير قبرستان جي زمين تي لينڊ مافيا پاران زبردستي ٺهيل ديوار ڊاهي پٽ ڪري ڇڏي، ان موقعي تي يوسي چئيرمين لال محمد بلوچ، ڪائونسلر غلام سرور، پي ٽي آئي اڳواڻ معيز بلوچ، قربان ٻرڙو، سماجي اڳواڻ محمد اسلم، ماما الاهي بخش بروهي، درمحمدبلوچ، عبدالغفورصحافين کي ٻڌايو ته تاريخي قبرستان حاجي پير تي لينڊ مافيا جي قبضي خلاف ڳوٺ جا سماجي اڳواڻ چئيرمين ڊي ايم سي ملير جان محمد بلوچ وٽ شڪايت ڏني ته ڊي ايم سي ملير جي وائيس چئيرمين عبدالخالق مروت ۽ پ پ اڳواڻ آغا رفيع الله قبرستان جي زمين تي پنهنجا هٿياربند ويهاري ديوار لڳارائي  رهيا آهن، انهن کي روڪيو وڃي، ڳوٺاڻن جي اهڙي شڪايت ڪرڻ کانپوءِ شاھ لطيف پوليس جي ايس ايچ او غفارشاھ ڳوٺاڻن کي ڳالهيون ڪرڻ جي بهاني گهرائي گرفتاري بعد گم ڪيو، جڏهن اسان چونڊيل نمائندا ۽ ڳوٺاڻا شاھ لطيف ٿاڻي تي پهتاسين ته ايس ايچ او شاھ لطيف گرفتار ڪيل ٻنهي ڳوٺاڻن جي گرفتاري کان لا تعلقي جو اظهار ڪيو جنهن کانپوءِ اسين مجبور تي روڊن تي نڪتا آهيون، اسان ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي تاريخي قبرستان تي لينڊمافيا کي قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين، ٻئي پاسي گرفتاري بعد آزاد ٿيل سماجي اڳواڻ عبدالغفاربلوچ ۽ محمد انور بلوچ صحافين کي ٻڌايو ته ايس ايچ او شاھ لطيف غفارشاھ رات جو 10 وڳي اسان کي گهرايو ته علائقي ۾ وڌندڙ منشيات جي ڪاروبار خلاف هڪ ڪاميٽي جوڙي وئي آهي، توهان اچو ته ان تي ڳالهايون، جڏهن اسان شاھ لطيف ٿاڻي پهتاسين ته هن چيو ته توهان قبرستان جي زمين تان هٿ کڻو نه ته پوليس مقابلي ۾ مارجي ويندئو، ان کانپوءِ اسان جي اکين تي پتيون ٻڌي سخت تشدد جو نشانو بڻايو پوءِ سڄي رات اسان کي پوليس موبائل ۾ گهمائندو رهيو ۽ هڪ هنڌ پوليس موبائل بيهاري اسان کي چيو ته ڪلمو پڙهو ۽ توهان جا ڏينهن پورا ٿي ويا آهن، هن چيو ته اسان سان زيادتي ٿي آهي، ان ڪري اسان آءِ جي سنڌ، وزيراعلي سنڌ، ڊي جي رينجرز کي اپيل ٿا ڪيون ته قبرستان جي زمين تان قبضو ختم ڪرائي بااثر لينڊ مافيا خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسان کي تحفظ ۽ انصاف ڏنو وڇي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *