اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي ۾ ٻڌايو ويو ته ملتان ۾ دهشتگردي تي ڪنٽرول ڪرڻ جي حوالي سان ڪئي ويندڙ مشق ۾ ڪنهن خاص قوم کي نشانو بنائڻ مقصود نه هو 30 ريلوي اسٽيشنن جي اپ گريڊيشن لاءِ 2 ارب 47 ڪروڙ رپين جو منصوبو تيار ڪيو ويو آهي سيڪٽر آءِ 12 ۾ ترقياتي ڪم اٽڪل هڪ سال ۾ مڪمل ٿي ويندا جمعي تي سوالن جي وقفي دوران نعيمه ڪشور جي سوال جي جواب ۾ ڪيڊ جي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ٻڌايو ته سيڪٽر آءِ 12 ۾ پنج وڏا روڊ ٺهي رهيا آهن ان وقت تائين 76 سيڪڙو ڪم پورو ٿي چڪو اهي ان تي هڪ سال وڌيڪ لڳي سگهي ٿو جڏهن ته هلندڙ مالي سال ۾ 10 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن هن سيڪٽر جي ڊيولپمينٽ کان پوءِ قبضي لاءِ پلاٽن جي فائلن تي ڪارروائي ٿيندي ۽ لينڊ سروي ڊويزن ڄاڻايل پلاٽن جو قبضو ڏيندو هن چيو ته پارڪ روڊ جي حالت خراب آهي ان جي مرمت لاءِ 58 ڪروڙ رپين جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي ريلوي جي مملڪتي وزير چوڌري جعفر اقبال ٻڌايو ته پهرين جنوري 2018 کان 31 ڊسمبر 2014 تائين ريلوي اسٽيشن جي مرمت تي 14 ڪروڙ 46 لک رپيا خرچ ڪيا ويا 30 ريلوي اسٽيشنن کي اپ گريڊ ڪرڻ جي تجويز آهي ان تي 2 ارب 47 ڪروڙ 29 لک رپيا خرچ ايندو ۽ ان ۾ گهڻو ڪم سنڌ ۾ آهي سنڌ ۾ 12 اسٽيشنن جي مرمت ٿيندي جنهن تي هڪ ارب 24 ڪروڙ 29 لک رپيا خرچ ٿيندا هن ٻڌايو ته پنجاب ۾ ريلوي ٽريڪ جي ڊيگهه 6 هزار 6 سئو 30 ڪلوميٽر آهي جڏهن ته بلوچستان ۾ هڪ هزار 469 ڪلوميٽر آهي صاحبزاده محمد يعقوب خان جي سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته مالي سال 18-2017 لاءِ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام ۾ 260 ارب رپيا خرچ سان 37 منصوبا شامل آهن حڪومت جي پاليسي آهي ته بنيادي سرشتي ۽ رولنگ اسٽروڪ ۾ متوازي سيڙپڪاري ڪئي وڃي سوالن جي وقت دوران عامر ڊوگر چيو ته ريلوي جو شعبو سفيد هاٿي بڻجي ويو هو جڏهن ته گذريل 4 سالن ۾ ان ۾ خاص بهتري آئي آهي اسان ان جو اعتراف ڪيون ٿا جيڪڏهن ريلوي بهتر ٿي سگهي ٿو ته پي آءِ اي کي بهتر ڇو نٿو بڻائي سگهجي ان لاءِ اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.