آستانه (م ڊ) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ملا فضل الله جهڙا ماڻهو افغانستان ۾ ويهي پاڪستان ۾ دهشتگردي پکيڙي رهيا آهن. قازقستان جي شهر آستانه ۾ وزيراعظم نواز شريف افغان صدر اشرف غنيءَ سان ملاقات ڪئي. ڊگهي ملاقات دوران وزيراعظم نواز شريف افغان صدر کي تحفا پيش ڪيا. ان موقعي تي وزيراعظم نواز شريف چيو ته سندس افغان صدر سان ملاقات نهايت سٺي رهي جنهن ۾ واپار وڌائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ نواز شريف افغان صدر کي چيو ته الزام گهڻا هنيا پيا وڃن پر ڪو ثبوت به هئڻ گهرجي، الزامن بدران مسئلن جو حل ڳالهين ذريعي نڪرڻ گهرجي. هن چيو ته دهشتگردي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪ پاڪستان آهي. ملاقات کانپوءِ افغان صدر ٻاهر نڪتو ته هن چيو ته ٻنهي ۾ ملاقات هاڪاري رهي. اشرف غني دهشتگردي بابت سوال جو جواب ڏيڻ کان انڪار ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم نواز شريف چيو ته اشرف غنيءَ سان سندس ملاقات هاڪاري رهي، هو دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ افغانستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهن.