ملائيشين وزيراعظم مهاتير محمد پاڪستان پهچي ويو،21 توپن جي سلامي

اسلام آباد (بيورو) ملائيشيا جو وزيراعظم مهاتير محمد ٽن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي ويو آهي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب ملائيشيا جو وزيراعظم مهاتير محمد وزيراعظم عمران خان جي دعوت تي 21 کان 23 مارچ تائين پاڪستان جو دورو ڪندو ۽ هو يوم پاڪستان جي تقريب جو خاص مهمان هوندو. وزيراعظم عمران خان ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ملائيشين وزيراعظم مهاتير محمد جي نور خان ايئر بيس تي آجيان ڪئي ۽ سندس اعزاز ۾ 21 توپن جي سلامي به ڏني وئي. ملائيشين وزيراعظم دوري دوران صدر عارف علوي ۽ پنهنجي پاڪستاني هم منصب سان ملاقاتون ڪندو. ٻئي وزيراعظم وفدن جي سطح تي ڳالهيون ڪندا، جڏهن ته مهاتير محمد صنعتڪارن جي اجلاس ۾ به خطاب ڪندو. پرڏيهي کاتي جي ترجمان ٻڌايو ته ملائيشيا جي وزيراعظم سان گڏ واپارين سميت اعليٰ سطحي وفد به پاڪستان پهچي رهيو آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، معيشت ۽ دفاعي لاڳاپا وڌائن تي اتفاق ٿيندو، مهاتير محمد جي دوري سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *