ڪراچي (اين اين آءِ)اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر اشرف محمود وٿرا ٻي پاڪستان بيڪنگ ايوارڊز 2017 جي شروعاتي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته بئنڪنگ سيڪٽر جو ڪردار ملڪ جي معيشت جي ترقي ۾ بنيادي ڪردار رهيو آهي. بئنڪنگ شعبي جي اهميت مسلمه آهي جڏهن ته ٽيڪنالوجي جو حصول ۽ صارفين کي بهترين خدمتن جي فراهمي بئنڪنگ سيڪٽر جي هڪ وڏي ڪاميابي ۽ تعريف جوڳي اڳڀرائي آهي هن چيو ته ان شعبي جون ڪاميابين ۽ ترقين کي ساراهڻ گهرجي گذريل سال اڳ بئنڪنگ ايوارڊ 2016 جي ڪاميابي کان پوءِ ٻئي ايوارڊ جي شروعات جي تقريب کي خطاب منهنجي لاءِ خوشي جهڙي ڳالهه آهي ايوارڊن جي ورڇ هاڻي بئنڪنگ شعبن ۾ اهم پروگرام بڻجي چڪي آهي انهن ايوارڊن سان نون ايندڙن جي حوصله افزائي ۽ بئنڪن کي پنهنجي ڪارڪردگي وڌيڪ بهتر بنائڻ جي تحريڪ ملي ۽ ان سان وسيع پئماني تي سيڪٽر جي ترقي خدمتن جي بهتري ۽ وڌيڪ مالياتي شعبن ۾ ڪارڪردگي بهتر ٿئي ٿي. ان دوران اي ايف فرغوثن اينڊ ڪمپني پي ڊبليو سي جي نمائندي ايوارڊن جي تفصيل ٻڌائيندي چيو ته ايوارڊ 8 شعبن جي لاءِ آهن انهن ۾ ايوارڊ بيسٽ مائڪرو بئنڪ ان بئنڪ ايوارڊ بيسٽ بئنڪ فار سمال بزنس اينڊ ايگريڪلچر بيسٽ بئنڪ فار ڪارپوريٽ فنانس اينڊ ڪئپيٽل ڊيولپمينٽ بيسٽ ڪسٽمر فرچائيز بيسٽ اسلامڪ بئنڪ بيسٽ انوائرمينٽل سوشل اينڊ گورننس ۽ دي بيسٽ بئنڪ ايوارڊ ڏنا ويندا.