لاهور(م ڊ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته معيشت جي بحالي حڪمرانن جي ايجنڊا ۾ شامل ناهي، قرض وٺي ملڪي معيشت کي هلايو پيو وڃي. لاهور ۾ واپارين جي آجياڻي کي خطاب ڪندي هن چيو ته احتجاج سبب حڪومت وائڙي ٿي وئي آهي. هن چيو ته هو اقتدار ۾ ايندي ئي ڪاروباري مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪندا. آصف/ زرداري ڪاروباري ماڻهن کي يقين ڏياريو ته قرض جي بار کي اسٽيٽ بئنڪ ذريعي واپس ڪرايو ويندو. آجياڻي ۾ ذوالفقار کوسا، نديم افضل چن، ثمينه خالد گهرڪي ۽ ٻين اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي. آجياڻي کي خطاب بعد آصف علي زرداري پنهنجي قافلي سان گڏ واپس روانو ٿي ويو.