معاشي پاليسي جو ويزن صحيح نه هجي ته ان جو نقصان پوري قوم کي ڀوڳڻو پوندو آهي:بئريسٽر مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ حڪومت جي ترجمان قانون ۽ ماحوليات بابت وزير اعليٰ سنڌ جي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته جڏهن معاشي پاليسي جو ويزن صحيح نه هجي ته ان جو نقصان پوري قوم کي ڀوڳڻو پوندو آهي. پوري ملڪ ۾ ڪو به اهڙو شعبو ناهي بچيو جيڪو زبون حالي جو شڪار نه هجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته عمران خان جي اقتدار ۾ آئي اٺارنهن مهينا ٿي چڪا آهن پر سٺي گورنس تي پري جا ڳالھ آهي هتي ته گورنس ئي ناهي. پورو ملڪ بحران جي ور چڙهيل آهي پر خان صاحب قوم کي اڃان به سبز باغ ڏيکاري رهيو آهي، بجلي، گئس، اٽي ۽ کنڊ جو بحران ترتيبوار پاڪستاني قوم کي شڪار بڻائي رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان جي غلط پاليسين جي ڪري ملڪ کي 1.09 کرب روپين جي گردشي قرض کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ ملڪ کي درآمد ۽ برآمد ۾ شديد خساري کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي نااهل حڪومت بيروزگاري ۽ مهانگائي جي جن کي بي قابو ڪري ڇڏيو آهي عوام جي مشڪلين ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿي رهيو آهي هن چيو ته جڏهن به بلاول ڀٽو زرداري عوام جي حقن لاءِ آواز اٿاريندو آهي ته سرڪاري بئنچن ۾ هلچل مچي ويندي آهي جڏهن به بلاول ڀٽو زرداري عوامي مسئلن جي ڳالھ ڪندو آهي ته حڪومتي وزيرن جا هوش اڏامي ويندا آهن. انهن حالتن کي ڏسي لڳندو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت کي بلاول ڀٽو فوبيا ٿي ويو آهي. هن چيو ته پنجاب جا وزير جڏهن به ڳالھ ڪندا آهن ته بي بنياد ۽ تعصب واري سوچ جي عڪاسي ڪندا آهن. نوشهروفيروز ۾ هڪ صحافي کي شهيد ڪيو ويندو آهي ته ان جو الزام به بلاول ڀٽو زرداري تي لڳايو ويندو آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *