معاشي نظام کي مستحڪم بنيادن تي هلائڻ پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته معاشي نظام کي مستحڪم بنيادن تي هلائڻ اسان جي پهرين ترجيح آهي، جنهن جي نتيجي ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا.وزيراعظم عمران خان صدارت هيٺ معاشي ٽيم جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزيرن مخدوم خسرو بختيار، عمر ايوب، حماد اظهر، محمد ميان سومري، صلاحڪارن ۽ مددگارن عبدالحفيظ شيخ، عبدالرزاق دائود، ڊاڪٽر فردوس عاشق، يوسف بيگ مرزا، شوڪت ترين، ايف بي آر چيئرمين شبر زيدي، سيڙپڪاري بورڊ چيئرمين، اين ڊي ايم اي چيئرمين ۽ ٻين اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ ننڍين ۽ وچولين صنعتن (ايس ايم ايز) کي هٿي ڏيڻ، بيمار صنعتن جي بحالي ۽ تعميراتي سيڪٽر کي مراعتون ڏيڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي.وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪُل 687 اهڙا يونٽ آهن، جن کي فوري طور بحال ڪرڻ لاءِ قدم کڻي سگهجن ٿا، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ تحت انهن جي بحالي ممڪن ٿي سگهندي.عمران خان کي ٻڌايو ويو ته ايس ايم ايز ۾ هن وقت سيڙپڪاري، جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جي کوٽ، هنرمند ماڻهن جي کوٽ، قانونن ۾ تبديلي، سميڊا ۾ سڌارن، ريسرچ جي فقدان جهڙا مسئلا آهن، تعميراتي سيڪٽر سان لاڳاپيل صنعتن کي جلد ٽيڪس مراعتون ڏنيون وينديون.ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته معاشي نظام کي مستحڪم بنيادن تي هلائڻ اسان جي پهرين ترجيح آهي، جنهن سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، سيڙپڪارن جو اعتماد وڌندو ۽ مقامي صنعتن کي هٿي ملندي، ڪاروبار ۾ سولائيون پيدا ڪيون وڃن ته جيئن سيڙپڪار بنا ڪنهن رنڊڪ جي سيڙپڪاري ڪري سگهن، مقامي سطح تي ننڍن صنعتي يونٽس کي ترجيح ڏني وڃي ته جيئن روزگار جا موقعا پيدا ٿين.هن چيو ته جن يونٽن کي بحال ڪري سگهجي ٿو، 60 ڏينهن اندر منصوبابندي تحت انهن يونٽن کي بحال ڪرڻ لاءِ جن قانونن ۽ انتظامي سڌارن جي ضرورت آهي، انهن کي مڪمل ڪيو وڃي، پرائيويٽ سيڪٽر کي ايس ايم ايز جي هٿي لاءِ شامل ڪيو وڃي، ان حوالي سان هڪ هفتي ۾ مڪمل ايڪشن پلان پيش ڪيو وڃي، جنهن ۾ مختلف ٽارگيٽ مڪمل ڪرڻ لاءِ خاص وقت مقرر ڪيل هجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *