اسلام آباد (بيورو) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته معاشي دهشتگردي جا ذميوار ڳولڻ هڪ ڪميٽي جوڙي وڃي. سينيٽ اجلاس ۾ فواد چوڌري هڪ ڀيرو ٻيهر اپوزيشن تي تنقيد ڪئي. پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ جي سلسلي ۾ سينيٽ چيئرمين کيس خاطري ڪرائي ته هو ان سلسلي ۾ اسپيڪر سان ڳالهائي. وفاقي وزير چيو ته ٻڌايو وڃي بلوچستان جا مسئلا جيئن جو تيئن ڇو آهن؟ محمود خان اچڪزئي اينڊ ڪمپني هن ملڪ سان ڇا ڪيو؟ اهي ذميواري محسوس نٿا ڪن، پاڪستان مخالف ڳالهيون ڪري رهيا آهن. اپوزيشن فواد چوڌري جي تقرير تي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته ايوان جو ماحول خراب نه ڪيو. فواد چوڌري پڇا ڪئي ته بلوچستان جا 42 ٽريلين ڪٿي آهن، بلوچستان ۾ جن جي حڪومت هئي اهي جواب ڏين، اسان جي سمورن وسيلن تي هڪ مافيا ويٺي آهي، انهن بابا فريد گنج شڪر جي زمين کي به نه بخشيو. سندس چوڻ هو صورتحال اها ٿي چڪي آهي جو بس ڪرپشن تي ناهي ڳالهائڻو، جيڪڏهن اپوزيشن ليڊر بابت نه ڳالهايون ته ايوان صحيح هلندو، جيڪي ماڻهو ايترا بلين کائي ويٺا آهن انهن جو نالو وٺڻ ضروري آهي. هن چيو ته هي روز چون ٿا وزيراعظم پِني رهيو آهي، 10 ورهين ۾ جيڪو ڪجهه ڪيو ويو آهي ان کانپوءِ ڇا ڪجي؟.27