راولپنڊي: (م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن معيشت ڪمزور ٿيندي ته ملڪي سلامتي جي صورتحال ڪمزور ٿيندي ۽ معاشي خودمختياري جي بنا آزادي جو ڪوبه تصور ناهي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۾ قومي معيشت تي سميينار منعقد ڪيو ويو. سيمينار ۾ ڊاڪٽر سلمان شاهه، ڊاڪٽر فرخ اقبال، عابد قيوم سلهري، الماس حيدر، سيد شبر زيدي ۽ ڊاڪٽر اشفاق حسين شرڪت ڪئي.سيمينار ۾ آرمي چيف ڏکين ملڪي معاشي حالتن مان ڪاميابي سان نڪرڻ لاءِ پريقين هئا جڏهن ته هن بهتر علائقائي واپاري رابطن لاءِ پاڪستان جي قدمن تي روشني وڌي.آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا خطاب ۾ چيو ته اسان ڏکين معاشي حالتن مان گذري رهيا آهيون، اسان سڀني کي ڏکين حڪومتي قدمن جي ڪاميابي لاءِ پنهنجون ذميواريون ادا ڪرڻيون پونديون ته جيئن حڪومت جا ڏکيا قدم ڪامياب ٿي سگهن.آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جو چوڻ هو ته هي هڪ قوم بڻجي ڪم ڪرڻ جو وقت آهي ڇو ته معاشي خودمختياري جي بنا آزادي جو ڪوبه تصور ناهي.آرمي چيف برطانوي تاريخدان پائول ڪينيڊي ۽ ورلڊ بينڪ جي اڳوڻِ صدر رابرٽ بيڪ نارا جي قول جو حوالو ڏيندي چيو ته پائول ڪينيڊي چيو هو ته ڪنهن قوم جي دفاعي مضبوطي جو دارومدار معاشي مضبوطي تي آهي جڏهن ته رابرٽ ميڪ نارا موجب ترقي جي بنا ڪابه سيڪيورٽي ناهي.آرمي چيف چيو ته جيڪڏهن معيشت ڪمزور ٿيندي ته ملڪي سلامتي جي صورتحال ڪمزور ٿيندي، معاشي خودمختياري جي بنا ڪا ٻي خودمختياري ممڪن ناهي، معاشي ڪوششن کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ اسان سڀني کي پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻي پوندي، مشڪل معاشي فيصلا نه ڪرڻ سان ڏکيائيون وڌيون ۽ انشاءَالله اسان انهن ڏکيائين مان سرخرو ٿي نڪرنداسين.