اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان هر اهو قدم کڻنداسين جنهن سان اسان جون عورتون محفوظ ۽ خوشحال زندگي گذاري سگهن.پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. جنهن جو مقصد معاشري ۾ عورتن جي خدمت جو اعتراف ڪرڻ ۽ انهن کي پيش ايندڙ مسئلن تي روشني وجهڻ آهي.عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي وزيراعظم عمران خان پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته هن ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد عورتن کي برابري جا حق ۽ موقعا ڏيڻ آهي ان ڪوشش ۾ اسان جي مذهب اسان جي رهنمائي ڪئي آهي.وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اها ڳالهه خوشي جوڳي آهي ته اسان جون عورتون زندگي جي هر شعبي ۾ ڪم ڪري رهيون آهن. اسان جون عورتون زندگي جي هر شعبي ۾ قومي ۽ عالمي سطح تي سٺي موٽ حاصل ڪري رهيون آهن.عمران خان وڌيڪ چيو ته مون کي يقين آهي ته پائيدار سماجي معاشي ترقي جو عمل عورتن کي برابري جا موقعا ڏئي سگهي ٿو. پاڪستان جي وزيراعظم چيو آهي ته اسان هر اهو قدم کڻنداسين جنهن سان اسان جون عورتون محفوظ ۽ خوشحال زندگي گذاري سگهن.