لاهور (م ڊ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهر القادري چيو آهي ته معاشري ۾ ايتري ورهاست ۽ فرق وڌي ويو آهي جو ڪنهن معاملي تي گڏجي ويهڻ جو حوصلو ناهي رهيو، اڄ اسان ماڊل ٽائون سانحي جي متاثرن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون، سڀني کي گهرائڻ جو مقصد پنهنجي ذات لاءِ ڪجهه حاصل ڪرڻ نه پر ستل شعور کي جاڳائڻ ۽ بي آوازن کي آواز ڏيڻ آهي. لاهور جي مال روڊ تي گڏيل اپوزيشن جي احتجاجي جلسي کي خطاب ڪندي طاهر القادري چيو ته زرداري صاحب اڄ سڀني جو گڏجڻ منهنجو نه پر شهيدن جي قربانين جو ڪمال آهي، اهو ڪمال انهن معصوم ٻارن جو آهي، جن جي حفاظت لاءِ سڀ گڏيا آهن. هن چيو ته انساني حق چِٿيا پيا وڃن ۽ قومي ناڻو ڦريو پيو وڃي، اسان عدليا کي آزاد رکڻ، هر مظلوم کي انصاف ڏيارڻ ۽ ملڪ کي حيوانن کان بچائڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون، قوم اٿي ۽ سڃاڻي ته دشمن ڪير آهي. سندس چوڻ هو ته اسان ملڪ جو امن ٽوڙڻ نٿا چاهيون، جيڪڏهن ائين ڪرڻو هجي ها ته نواز شريف ۽ شهباز شريف کي جاتي امرا کان ٻاهر هڪ قدم رکڻ جي به جرئت نه هجي ها، چاهيون ٿا ته قانون عوام ۽ شريف خاندان لاءِ به هڪ جهڙو هجي. طاهر القادري چيو ته اسان ڀڃ ڊاهه ۽ گهيرو ڪرڻ ناهيون آيا، قانون هٿ ۾ کڻڻو هجي ها ته سانحا برداشت نه ڪيون ها، شريفن جي بادشاهي خلاف ڳالهائي رهيا آهيون.27