اسلام آباد(بيورو) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي خلاف بي شمار قربانيون ڏنيون پر مظلومن جي رت سان رڱيل هٿن وارا پاڪستان کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن. اسلام آباد ۾ گهرو وزير چوڌري نثار سان برطانوي ۽ يورپي پارليامينٽ جي 3 رڪني وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ لارڊ نذير احمد، قربان حسين ۽ يورپي پارليامينٽ جو ميمبر افضل خان شامل هئا. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر ۽ جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو جڏهن ته گڏيل پارلياماني معاملن ۽ ڪشمير سميت خطي جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي چوڌري نثار چيو ته برطانيا ۾ پاڪستان جي موقف جو ٻڌو ۽ وڏي حد تائين سمجهيو ويندو آهي ۽ علائقائي امن قائم ڪرڻ جي لاءِ برطانوي حڪومت جو سهڪار ڀيٽا جوڳو آهي.