ڪراچي (م ڊ) پريس ڪلب تي پنهنجن مطالبن جي حق ۾ مظاهرو ڪندڙ استادن جي بلاول هائوس وڃڻ جي ڪوشش تي پوليس کين روڪڻ لاءِ لاٺي چارج ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل فائر ڪيا. اڄ مظاهرو ڪندڙ استادن بلاول هائوس وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي پوليس کين روڪيو. پوليس طرفان استادن تي لاٺي چارج ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل فائر ڪيا ويا جڏهن ته ڪيترن ئي مظاهرين کي گرفتار پڻ ڪيو ويو. ٻئي طرف پوليس پريس ڪلب وارو روڊ ٻنهي طرفن کان بند ڪري ڇڏيو آهي. تنهن هوندي استادن جو هڪ وڏو گروپ ريگل رستي برنس روڊ پهچي چڪو آهي، جتان هو ٽاور جي رستي بلاول هائوس ڏانهن روانو ٿيندا.